لاڙڪاڻو پوليس هٿان منشيات فروش مڪول گينگ جي عورت اڳواڻ جوابدار ضميره مڪول هڪ ڪلو چرس سميت گرفتار

لاڙڪاڻو- 14 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي قيادت ۾ لاڙڪاڻو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. بدنام زمانه منشيات فروش مڪول گينگ جي عورت جوابدار ضميره مڪول هڪ ڪلو 100گرام چرس سميت گرفتار ڪئي وئي. ڄاڻايل جوابدار جو مڙس نادر مڪول ۽ پٽ راشد مڪول به منشيات فروشي جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث آهن. ياد رهي ته گرفتار جوابدار جو مڙس …

لاڙڪاڻو- 14 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي قيادت ۾ لاڙڪاڻو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. بدنام زمانه منشيات فروش مڪول گينگ جي عورت جوابدار ضميره مڪول هڪ ڪلو 100گرام چرس سميت گرفتار ڪئي وئي. ڄاڻايل جوابدار جو مڙس نادر مڪول ۽ پٽ راشد مڪول به منشيات فروشي جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث آهن. ياد رهي ته گرفتار جوابدار جو مڙس ۽ پٽ هن وقت به منشيات فروشي جي ڪيسن ۾ جيل اندر آهن. گرفتار عورت پنهنجي مڙس ۽ پٽ جي غير موجودگي ۾ منشيات جو نيٽ ورڪ هلائيندي هئي. ڄاڻايل عورت جوابدار منشيات جي سپلائي/وڪري لاءِ گهٽ عمر وارن ٻارن ۽ ٻارڙين کي به استعمال ڪندي رهي آهي. گرفتار جوابدار کان ٻين ساٿين، خريدارن ۽ لوڪل ڊيلرز بابت جاچ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي جي ڪارروائي جاري آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري لاڳاپيل ڊي ايس پي صدر/سول لائينز سعد جبار، ايس ايڇ او وليد ٿاڻو سب انسپيڪٽر ارشد محمود ملڪ ۽ سندن ٽيم لاءِ تعريفي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

مزید خبریں