ڪراڪس- 14 جولاءِ (اي پي پي) وينزويلا ۾ 24 جون تي آيل طاقتور زلزلن جي نتيجي ۾ فوتگين جو انگ وڌي 4،561 ٿي ويو، جڏهن ته 16،740 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق قومي اسيمبلي جي صدر خورخي روڊريگيز سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته متاثرن جي امداد لاءِ 107 عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن، جتي هن وقت 20،231 ماڻهن ترسيل آهن. …
وينزويلا ۾ زلزلن سبب فوتگين جو انگ 4561 ٿي ويو

مزید خبریں
ڪراڪس- 14 جولاءِ (اي پي پي) وينزويلا ۾ 24 جون تي آيل طاقتور زلزلن جي نتيجي ۾ فوتگين جو انگ وڌي 4،561 ٿي ويو، جڏهن ته 16،740 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق قومي اسيمبلي جي صدر خورخي روڊريگيز سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته متاثرن جي امداد لاءِ 107 عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن، جتي هن وقت 20،231 ماڻهن ترسيل آهن. هن چيو ته 17،907 ماڻهو اڃان به بي گهر آهن، جڏهن ته زلزلن سبب 856 عمارتن کي نقصان پهتو آهي. اختيارين مطابق امدادي سرگرمين ۾ 30،989 وينزويلا جا اهلڪار، 30،692 رضاڪار ۽ 2،471 عالمي امدادي ڪارڪن حصو وٺي رهيا آهن. 24 جون تي وينزويلا ۾ 7.2 ۽ 7.5 شدت جو زلزلو اچڻ بعد هاڻي تائين 1،254 آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن.











