ويزا خاتمي تي سعودي عرب مان نڪرڻ ۾ دير تي سخت سزائن جو اعلان

رياض- 14 جولاءِ (اي پي پي) سعودي گهرو وزارت انهن پرڏيهين تي سخت ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جي توثيق ڪئي آهي، جيڪي ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد ملڪ جي زمين تان نڪرڻ ۾ دير ڪندا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيڪي پرڏيهي مليل انٽري ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد روانگي ۾ دير ڪندا کين 50 هزار ريال تائين ڏنڊ، 6 مهينن …

رياض- 14 جولاءِ (اي پي پي) سعودي گهرو وزارت انهن پرڏيهين تي سخت ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جي توثيق ڪئي آهي، جيڪي ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد ملڪ جي زمين تان نڪرڻ ۾ دير ڪندا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيڪي پرڏيهي مليل انٽري ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد روانگي ۾ دير ڪندا کين 50 هزار ريال تائين ڏنڊ، 6 مهينن تائين قيد ۽ ملڪ مان نيڪالي جي سزا ڏني ويندي. وزارت مڪو شريف، مدينه منوره، رياض ۽ الشرقيه جي علائقن ۾ هيلپ لائن 911 ۽ مملڪت جي باقي علائقن ۾ هيلپ لائن 999 تي ڪال ڪري رهائش، محنت ۽ سرحدي سيڪورٽي جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اطلاع ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

مزید خبریں