گڏيل قومون- 14 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو 2030 ع جي پائيدار ترقياتي ايجنڊا (سي ڊي جي ايس ) تي عمل درآمد جي رفتار ۽ دائري ڪار ۾ تيزي آندي وڃي ته جيئن عالمي ترقي جي هدف کي وقت تي حاصل ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پائيدار ترقي بابت اعلى سطحي سياسي فورم جي وزارتي اجلاس کي …
گڏيل قومن پاران 2030ع جو پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ رفتار تيز ڪرڻ جو تي زور

مزید خبریں
گڏيل قومون- 14 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو 2030 ع جي پائيدار ترقياتي ايجنڊا (سي ڊي جي ايس ) تي عمل درآمد جي رفتار ۽ دائري ڪار ۾ تيزي آندي وڃي ته جيئن عالمي ترقي جي هدف کي وقت تي حاصل ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پائيدار ترقي بابت اعلى سطحي سياسي فورم جي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي گوتريش چيو ته گذريل 10 سالن دوران ٻارن ۽ ماءُ جي فوتگين ۾ گهٽتائي، سماجي تحفظ، صاف پاڻي، نڪاسي، بجلي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ ۾ بهتري، گهٽ عمر جي شادي جهڙن نقصانن جي رجحان ۾ گهٽتائي ۽ تجديد جوڳي توانائي جي استعمال ۾ نميان اضافي جهڙا اهم نتيجا حاصل ٿيا آهن، هن چيو ته تازن سالن ۾ هٿياربند تڪرار، وڌندڙ عدم مساوات، موسمياتي تبديلي، مالي مشڪلاتن ۽ وچ اوڀر جي تڪرار ترقي جي سفر کي شديد متاثر ڪيو آهي. هن مطابق ان عمل سبب ٻارڻ، ڀاڻ ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته عالمي واپار لڏ پلاڻ ۽ سياحت به متاثر ٿي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پائيدار ترقياتي هدف مسلسل ختم ٿي رهيو آهي ۽ قابل جائزو 139 هدف مان صرف 36 سيڪڙو صحيح رستي طرف اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 15 سيڪڙو هدف ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. هن عالمي برادري کي چيو ته غربت جي خاتمي، باوقار روزگار، صنفي مساوات، جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ، انساني حقن جي تحفظ، موسمياتي قدمن، حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ تجديد جوڳي توانائي طرف منصفاڻي منتقلي لاءِ سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. گڏيل قومن جي سربراهه ٻڌايو ته هن سال فورم ۾ پنج اهم پائيدارترقياتي هدف تي ڌيان ڏنو پيو وڃي جن ۾ پاڻي ۽ نڪاسي، سستي صاف توانائي، صنعت، جدت ۽ بنيادي ڍانچو، پائيدار شهر ۽ ڪميونيٽيز آهن. هن عالمي اڳواڻن سان رهائشي بحران جي حل، محفوظ ۽ پائيدار شهرن جي تعمير ۽ پائيدار ترقياتي هدف لاءِ ساليانو 4 کرب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جي مالياتي خال کي ڀرڻ لاءِ فوري قدمن جو به مطالبو ڪيو.











