نون يورپي ملڪن ۽ يوڪرين وچ ۾ اينٽي بيلسٽڪ ميزائل اتحاد قائم

پيرس- 14 جولاءِ (اي پي پي) يورپ کي بيلسٽڪ ميزائلن جي خطرن کان محفوظ بنائڻ لاءِ نون يورپي ملڪن ۽ يوڪرين گڏيل طور تي اينٽي بيلسٽڪ ميزائل اتحاد قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانسيسي صدر جي آفيس پاران جاري گڏيل اعلان موجب ڊينمارڪ، فرانس، جرمني، اٽلي، نيدرلينڊز، ناروي، اسپين، سويڊن، برطانيا ۽ يوڪرين جي اڳواڻن ان اتحاد جي قيام جو اعلان ڪيو. اعلان ۾ چيو ويو …

پيرس- 14 جولاءِ (اي پي پي) يورپ کي بيلسٽڪ ميزائلن جي خطرن کان محفوظ بنائڻ لاءِ نون يورپي ملڪن ۽ يوڪرين گڏيل طور تي اينٽي بيلسٽڪ ميزائل اتحاد قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانسيسي صدر جي آفيس پاران جاري گڏيل اعلان موجب ڊينمارڪ، فرانس، جرمني، اٽلي، نيدرلينڊز، ناروي، اسپين، سويڊن، برطانيا ۽ يوڪرين جي اڳواڻن ان اتحاد جي قيام جو اعلان ڪيو. اعلان ۾ چيو ويو ته اهو اتحاد مڪمل طور تي دفاعي نوعيت جو آهي، ان جو مقصد يورپ کي بيلسٽڪ ميزائلن سبب لاڳو وڌندڙ خطرن جو بهتر انداز ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بنائڻ آهي. اعلان موجب يورپ جي تحفظ لاءِ هڪ مربوط ميزائل دفاعي نظام اڻٽر آهي، جيڪو مستقبل ۾ امڪاني ميزائل حملن جي روڪٿام ۽ ان جو بهتر جواب ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. اهو اعلان اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي، جڏهن فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون پيرس ۾ ڪواليشن آف دي ولنگ جي اڳواڻن جي ميزباني ڪئي. جتي يوڪرين لاءِ فوجي مدد، فضائي دفاع کي مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں