ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڪشمير جي شهيدن جي ڏينهن جي موقعي تي 13 جولاءِ 1931ع جي عظيم ڪشميري شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته لازوال قربانيون ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جو روشن، نه وسارڻ جوڳو ۽ سونهري باب آهن. پنهنجي پيغام ۾ گورنر چيو ڪشمير جي شهيدن حق، آزادي ۽ وقار لاءِ بيمثال قربانيون ڏنيون جن کي …
سنڌ جي گورنر پاران عظيم ڪشميري شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش
ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڪشمير جي شهيدن جي ڏينهن جي موقعي تي 13 جولاءِ 1931ع جي عظيم ڪشميري شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته لازوال قربانيون ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جو روشن، نه وسارڻ جوڳو ۽ سونهري باب آهن. پنهنجي پيغام ۾ گورنر چيو ڪشمير جي شهيدن حق، آزادي ۽ وقار لاءِ بيمثال قربانيون ڏنيون جن کي تاريخ هميشه ياد رکندي. هن چيو ته مظلوم ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت، ڏاڍ ۽ ظلم وسيلي دٻائي نه ٿو سگهجي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ ڪشميري عوام جي حريت واري جذبي کي ڪڏهن به شڪست نه ٿو ڏئي سگهي. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت هر سطح تي جاري رکندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪشمير مسئلي جي واحد منصفاڻي ۽ پائيدار حل جو دارومدار گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب کين خوداراديت جي حق جي فراهمي تي آهي. گورنر والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي سخت مذمت ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جو فوري نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي انصاف جي فراهمي لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڪشمير جي شهيدن جي ڏينهن موقعي تي سڄي پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ سندن خود اراديت واري حق جي جدوجهد جي ڀرپور حمايت جاري رکندي.












