سنڌ جي گهرو وزير ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي بوٽ بيسن ۽ ماڙي پور جي علائقن ۾ ٿيل فائرنگ ۽ ڦرلٽ جي واقعن جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي بوٽ بيسن ۽ ماڙي پور جي علائقن ۾ ٿيل فائرنگ ۽ ڦرلٽ جي واقعن جو فوري طور تي نوٽيس وٺندي فوري طور تي ڏکڻ ضلعي جي ڊي آءِ جي  کان ٻنهي واقعن جي الڳ الڳ تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي. سنڌ جي گهرو کاتي واري وزير هدايت ڪئي آهي ته ڪلفٽن ۾ …

ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي بوٽ بيسن ۽ ماڙي پور جي علائقن ۾ ٿيل فائرنگ ۽ ڦرلٽ جي واقعن جو فوري طور تي نوٽيس وٺندي فوري طور تي ڏکڻ ضلعي جي ڊي آءِ جي  کان ٻنهي واقعن جي الڳ الڳ تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي. سنڌ جي گهرو کاتي واري وزير هدايت ڪئي آهي ته ڪلفٽن ۾ فائرنگ ۾ هڪ نوجوان جي موت جي واقعي جي هر پهلوءَ کان شفاف، غير جانبدار ۽ قابلِ قدر جاچ ڪئي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ ذميوار عنصرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري سگهجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ڪلفٽن ۽ ماڙي پور ٻنهي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي فوري طور تي سڃاڻپ ۽ گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ قانون جي مڪمل حد تائين سزا ڏني وڃي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي سخت ڪارروائي جاري رهندي. هن واضح ڪيو ته شهرين جي سيڪيورٽي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته ڏوهن کي روڪڻ لاءِ پوليس گشت، انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۽ اسنيپ چيڪنگ کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪيا وڃن.

مزید خبریں