سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي پاران يومِ شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي  شهيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش

ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي بحالي کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي يومِ شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي 1931ع جي 22 شهيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام جون بي مثال قربانيون تاريخ جو روشن باب آهن ۽ پاڪستان هميشه ڪشميرين جي حقِ خوداراديت جي حمايت جاري رکندو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير …

ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي بحالي کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي يومِ شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي 1931ع جي 22 شهيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام جون بي مثال قربانيون تاريخ جو روشن باب آهن ۽ پاڪستان هميشه ڪشميرين جي حقِ خوداراديت جي حمايت جاري رکندو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي، انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ بيگناهه شهرين جي قتلِ عام کي فوري طور بند ڪري ڇو ته اهي عالمي قانونن ۽ انساني قدرن جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ باوجود ڪشميري عوام جو آزاديءَ وارو جذبو دٻائي نٿو سگهجي.گيانچند ايسراڻي چيو ته ڀارت جون والاريل ڪشمير ۾ آباديءَ جو تناسب تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون ۽ نه ئي طاقت جي زور تي ڪشميرين کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکي سگهجي ٿو. هن سوال ڪيو ته موسمياتي ۽ انساني بحرانن کي منهن ڏيندڙ دنيا مودي سرڪار جي جنگي ڏوهن تي خاموش ڇو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها ڀارت جي هٺ ڌرمي جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب ڪشميري عوام کي سندن حقِ خوداراديت ڏيارڻ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري.

مزید خبریں