ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار محمد سليم بلوچ جي صدارت ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي حيدرآباد ريجن بابت اهم جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريجن اندر جاري، مڪمل ٿيل ۽ التوا ۾ پيل ترقياتي اسڪيمن جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران چيف انجنيئر حيدرآباد شفيق الرحمان ميمڻ خاص مددگار کي جاري منصوبن، مڪمل ٿيل اسڪيمن ۽ مختلف …
وڏي وزير جي خاص مددگار محمد سليم بلوچ جي صدارت ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي حيدرآباد ريجن بابت اهم جائزه اجلاس
ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار محمد سليم بلوچ جي صدارت ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي حيدرآباد ريجن بابت اهم جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريجن اندر جاري، مڪمل ٿيل ۽ التوا ۾ پيل ترقياتي اسڪيمن جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران چيف انجنيئر حيدرآباد شفيق الرحمان ميمڻ خاص مددگار کي جاري منصوبن، مڪمل ٿيل اسڪيمن ۽ مختلف سببن جي ڪري التوا ۾ پيل منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي محمد سليم بلوچ حيدرآباد ريجن جي مجموعي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته مڪمل ٿيل اسڪيمن کي جلد کان جلد لاڳاپيل لوڪل ڪائونسلن حوالي ڪيو وڃي، زمينن ۽ ٻين انتظامي معاملن سميت سمورا مسئلا فوري طور حل ڪري منصوبن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي.هن هدايت ڪئي ته مڪمل ٿيندڙ اسڪيمن جي افتتاحي تقريبن ۾ علائقي جي چونڊيل عوامي نمائندن، اسيمبلي ميمبرن ۽ ضلعي انتظاميه کي پڻ شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته عوام کي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ترقياتي اسڪيمن بابت بروقت ۽ جامع آگاهي فراهم ڪئي وڃي.خاص مددگار چيو ته هو ايندڙ مهيني حيدرآباد ريجن جي مختلف اسڪيمن جا اوچتا دورا ڪندو، تنهن ڪري سڀئي جاري ۽ التوا ۾ پيل منصوبا مقرر مدي اندر مڪمل ڪيا وڃن. هن خبردار ڪيو ته عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ ڪنهن به قسم جي سستي يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ دوري دوران ڪنهن به عذر کي قبول نه ڪيو ويندو.اجلاس ۾ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سهيل احمد قريشي، ايڊيشنل سيڪريٽري محمد بخش جروار، چيف انجنيئر شفيق الرحمان ميمڻ ۽ لاڳاپيل ايگزيڪيوٽو انجنيئرن (ايڪس اي اينز) شرڪت ڪئي.












