خيبر پختونخوا جي گورنر سان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اقبال ظفر جهڳڙا جي ملاقات

پشاور - 13 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اقبال ظفر جهڳڙا ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب  ان ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي مسئلن سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر  چيو ته صوبي جي حقن ۽ امن جي قيام لاءِ صوبي جي هر مڪتبه فڪر …

پشاور – 13 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اقبال ظفر جهڳڙا ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب  ان ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي مسئلن سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر  چيو ته صوبي جي حقن ۽ امن جي قيام لاءِ صوبي جي هر مڪتبه فڪر کي متحد ٿي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي ڪنهن به مسيحا جي واٽ نهارڻ واري سوچ کي ختم ڪري زميني حقيقتن کي سمجهڻو پوندو. ملاقات ۾ وفاق سان گڏ صوبي جي مسئلن، مالا ڪنڊ ۾ ٽيڪسن خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس جي سفارشن ۽ مطالبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.