دوحه-13 جولاءِ(اي پي پي) قطر عوامي تحفط کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سامونڊي حدن ۾ جهاز هلائڻ ۽ بحري سرگرميون عارضي طور ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب قطر جي ٽرانسپورٽ واري وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ سامونڊي جهازن جي مالڪن ۽ ٻين سمورن بحري جهازن بشمول تفريحي ۽ ماهيگير ٻيڙيون استعمال ڪندڙن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عارضي طور تي انهن کي هلائڻ کان پاسو ڪن ۽ …
قطر پنهنجي سامونڊي حدن ۾ سامونڊي جهازن جي عارضي طور چرپر ملتوي ڪري ڇڏي
دوحه-13 جولاءِ(اي پي پي) قطر عوامي تحفط کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سامونڊي حدن ۾ جهاز هلائڻ ۽ بحري سرگرميون عارضي طور ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب قطر جي ٽرانسپورٽ واري وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ سامونڊي جهازن جي مالڪن ۽ ٻين سمورن بحري جهازن بشمول تفريحي ۽ ماهيگير ٻيڙيون استعمال ڪندڙن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عارضي طور تي انهن کي هلائڻ کان پاسو ڪن ۽ سموريون بحري سرگرميون ملتوي ڪري ڇڏين جڏهن ته اهي جهاز جيڪي عالمي بحري ڪنوينشن جي تابع آهن ۽ لاڳو ضابطن ۽ طريقيڪار موجب هلن ٿا انهن کي ان جي ڇوٽ ڏني وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي احتياطي تدبيرون سيڪيورٽي اختيارين سان گڏجي ڪيون ويون آهن ۽ عوام کي هدايت جي تعميل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي ٿي. قطر ان کان اڳ علائقائي سلامتي جي اڳڀرائي وچ ۾ لاڳو ڪيل عارضي معطلي کانپوءِ سامونڊي سرگرميون ٻيهر شروع ڪري ڇڏيون هيون.












