رياض-13 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي افرادي سگهه واري وزارت هلندڙ سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ مختلف قانون جي ڀڃڪڙين تي 5 ريڪروٽمينٽ آفيسن کي ملتوي ۽ 7 جا لائيسنس رد ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اها ڪاروائي ريڪروٽمينٽ آفيسن ۽ ڪمپنين جي ريگيوليٽري معائني بعد ڪئي وئي. مختلف شهرن ۾ قائم افرادي سگهه امپورٽ ڪندڙ 7 ادارن کي وارننگ جاري ڪئي هئي …
سعودي عرب پاران هلندڙ سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ مختلف قانونن جي ڀڃڪڙين تي 5 ريڪروٽمينٽ آفيسون معطل، 7 جا لائسنس رد

مزید خبریں
رياض-13 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي افرادي سگهه واري وزارت هلندڙ سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ مختلف قانون جي ڀڃڪڙين تي 5 ريڪروٽمينٽ آفيسن کي ملتوي ۽ 7 جا لائيسنس رد ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اها ڪاروائي ريڪروٽمينٽ آفيسن ۽ ڪمپنين جي ريگيوليٽري معائني بعد ڪئي وئي. مختلف شهرن ۾ قائم افرادي سگهه امپورٽ ڪندڙ 7 ادارن کي وارننگ جاري ڪئي هئي ته هو مقرر مدي دوران پنهنجا قانوني معاملا درست ڪن، ناڪامي تي انهن جا لائيسنس رد ڪيا ويا. ريڪروٽمينٽ ۽ ليبر قانون جي ڀڃڪڙي، صارفين جي رقم واپسي ۾ دير ڪرڻ ۽ شڪايتن کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ڪارروائي ڪئي وئي. وزارت ٻڌايو ته جاچ ٽيمون مستقل بنيادن تي مختلف شهرن ۾ قائم ريڪروٽمينٽ آفيسن ۽ ڪمپنين جي معاملن جي نگراني جاري رکنديون ته جيئن صارفين جي شڪايتن کي فوري حل ڪري سگهجي ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ادارن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي . وزارت صارفين تي زور ڀريو ته هو قومي پورٽل ذريعي فراهم ڪيل تصديق ٿيل خدمتن مان فائدو حاصل ڪن، پورٽل تي جاچ ۽ شڪايت جي سهولت به فراهم ڪئي وئي آهي.










