اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت ۾ انساني حقن جي بدترين پائمالين تي عالمي سطح تي آواز اٿڻ لڳا. تفصيل موجب قابض طالبان حڪومت ۾ افغان عوام خاص ڪري عورتن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جهڙن بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي، افغانستان ۾ عورتن سان بدترين سلوڪ تي آئرش انصاف واري وزير جم اوڪالاگهن افغان طالبان حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي. آئرلينڊ جي يو …
افغان طالبان حڪومت ۾ انساني حقن جي بدترين پائمالين تي عالمي سطح تي آواز اٿڻ لڳا

مزید خبریں
اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت ۾ انساني حقن جي بدترين پائمالين تي عالمي سطح تي آواز اٿڻ لڳا. تفصيل موجب قابض طالبان حڪومت ۾ افغان عوام خاص ڪري عورتن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جهڙن بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي، افغانستان ۾ عورتن سان بدترين سلوڪ تي آئرش انصاف واري وزير جم اوڪالاگهن افغان طالبان حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي. آئرلينڊ جي يو اين جي مستقل نمائندي جي پڌرائي موجب آئرش جي انصاف واري وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ تڪرار دوران جنسي تشدد خلاف آئرلينڊ جو موقف پيش ڪيو. آئرش انصاف واري وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ طالبان حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته افغان طالبان عورتن جون آزاديون ختم ڪرڻ لاءِ بدستور صنفي تشدد کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن. آسٽريلوي صحافي آنه ڪورين طالبان حڪومت جي عورتن مخالف قدمن کي امتيازي قرار ڏيندي کين عورتن خلاف جنگ قرار ڏئي ڇڏيو. افغانستان ۾ طالبان انتظاميه تحت انساني حقن جون سنگين پائماليون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته افغان عوام هن وقت شديد ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار آهي.











