قطر جو اڳوڻو امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني لاڏاڻو ڪري ويو

دوحه-12 جولاءِ (اي پي پي) قطر جو اڳوڻو امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اميري ديوان طرفان جاري بيان مطابق شيخ حمد بن خليفه آل ثاني 1995ع کان 2013ع تائين قطر جو امير رهيو. 2013ع ۾ هن رضاڪاراڻي طور تي اقتدار پنهنجي چوٿين پٽ ۽ موجوده امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. سندس جي …

دوحه-12 جولاءِ (اي پي پي) قطر جو اڳوڻو امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اميري ديوان طرفان جاري بيان مطابق شيخ حمد بن خليفه آل ثاني 1995ع کان 2013ع تائين قطر جو امير رهيو. 2013ع ۾ هن رضاڪاراڻي طور تي اقتدار پنهنجي چوٿين پٽ ۽ موجوده امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. سندس جي 18 سالن جي حڪومتي دور ۾ قطر ڪيتريون ئي اهم عالمي ڪاميابيون حاصل ڪيون، جن ۾ 2006ع جي ايشيائي راندين جي ميزباني، 2012ع جي گڏيل قومن ۾ موسمياتي تبديلي ڪانفرنس، دوحه معاهدو، فتح ۽ حماس وچ ۾ دوحه معاهدو ۽ 2022ع جي فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني جو اعزاز حاصل ڪرڻ شامل آهن. 

مزید خبریں