سانوڻي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي وزيراعليٰ هائوس ڪراچيءَ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد، وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديليءَ سبب وڌندڙ خطرن ۽ مون سون جي ويجهو پهچڻ کي نظر ۾ رکندي وزيراعليٰ هائوس ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ، شهري علائقن ۾ برسات جي پاڻي جي جمع ٿيڻ جي صورتحال، هيٽ ويوز ۽ موسم سان لاڳاپيل ٻين هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته شروعاتي وارننگ سسٽمز ۽ مختلف …

ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديليءَ سبب وڌندڙ خطرن ۽ مون سون جي ويجهو پهچڻ کي نظر ۾ رکندي وزيراعليٰ هائوس ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ، شهري علائقن ۾ برسات جي پاڻي جي جمع ٿيڻ جي صورتحال، هيٽ ويوز ۽ موسم سان لاڳاپيل ٻين هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته شروعاتي وارننگ سسٽمز ۽ مختلف ادارن جي وچ ۾ ردعمل جي نظام جي مؤثريت جو پڻ جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي اختيارين شرڪت ڪئي جتي موسمياتي رجحانن، امڪاني آفتن، ٻوڏ جي خطرن، متاثر ٿيندڙ علائقن ۽ امدادي صلاحيتن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته جاري مون سون سيزن دوران سڄي صوبي ۾ انساني جانين، روزگار ۽ اهم بنيادي ڍانچي جي تحفظ لاءِ ادارن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ غور ڪيو ويو۔ وفاقي حڪومت جي وفد جي قيادت موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ڪئي جڏهن ته وفد ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي ميمبر موسمياتي تبديليءَ واري ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي زارا ۽ ٻيا عملدار شامل هئا۔ سنڌ حڪومت جي وفد ۾ آبپاشي وارو وزير جام خان شورو، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو صلاحڪار گيانچند ايسراڻي، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري ماحوليات فيصل عقيلي، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو، ڊائريڪٽر جنرل صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سلمان شاهه، سيڪريٽري بحالي مصطفيٰ شيخ ۽ ٻيا شامل هئا۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديليءَ مان پيدا ٿيندڙ خطرن ۾ مسلسل واڌ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جن ۾ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ سبب ايندڙ ٻوڏ، بادل ڦاٽڻ جا واقعا، ٻوڏ، درياهي ٻوڏ، شهري علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ، هيٽ ويوز، سامونڊي طوفان، ڏڪار ۽ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ جا اثر شامل آهن۔ موسمياتي اندازن موجب 15 جولاءِ کان 30 آگسٽ 2026ع دوران ملڪ جي اڪثر حصن ۾ معمول کان وڌيڪ گرمي پد، شديد گرم ۽ گهميل موسم ۽ سرگرم مون سون سيزن جو امڪان آهي۔ نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي اختيارين نيشنل ريزيلينس اينڊ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ ڪوآرڊينيشن فريم ورڪ تي بريفنگ ڏني ۽ نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر ذريعي روايتي شروعاتي وارننگ سسٽمز مان اڳڪٿي تي ٻڌل ڊيزاسٽر انٽيليجنس ڏانهن منتقلي بابت آگاهه ڪيو۔ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل ڪامن آپريٽنگ پڪچر ۽ گلوبل ڪامن آپريٽنگ پڪچر کي مربوط ڪيو ويو آهي، جنهن سان موسمياتي، آبي ۽ زميني معلومات جي حقيقي وقت ۾ نگراني ممڪن ٿي آهي ته جيئن اثرن تي ٻڌل ايڊوائزريز، اڳڪٿيون ۽ شروعاتي خبرداريون جاري ڪري سگهجن۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ خاص طور تي ان ڪري وڌيڪ حساس صوبو آهي ڇاڪاڻ ته اهو سنڌو درياءَ جي آخري حصي ۾ واقع آهي، جتي ٻوڏ جي شدت, پاڻيءَ جي مقدار ۽ مدو عام طور تي سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي۔ اختيارين ٻڌايو ته سنڌ ۾ ٻوڏ ٽن بنيادي ذريعن کان اچي ٿي جن ۾ سنڌو درياءُ، کيرٿر رينج تان ايندڙ جابلو ريلا ۽ مون سون جي برساتن مان پيدا ٿيندڙ ٻوڏون شامل آهن۔ شرڪت ڪندڙن صوبي جي حساس ضلعن جو پڻ جائزو ورتو جن ۾ ڪشمور، گھوٽڪي، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا درياهي ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ علائقا، دادو، ڄامشورو ۽ قمبر شهدادڪوٽ جا ٻوڏ ۽ جابلو ريلن کان متاثر علائقا، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، بدين، سجاول ۽ ٺٽي جا شهري ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ علائقا شامل آهن۔ آبپاشي کاتي اجلاس کي سنڌ جي ٻوڏ کان بچاءُ جي بنيادي ڍانچي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صوبي ۾ تقريبن هڪ هزار ٽي سئو پچويهه ميل ڊگها حفاظتي بند موجود آهن جن ۾ اٺ سئو پنجهتر ميل فرنٽ لائين بند، ٽي سئو ايڪٽيهه ميل لوپ بند ۽ هڪ سئو اڻويهه ميل ٻوڏ حفاظتي بند شامل آهن جڏهن ته ان کان علاوه ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين جو نظام پڻ موجود آهي۔ اجلاس ۾ سنڌو درياءَ جي طاس ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي وهڪري جي نظام ۽ سنڌ جي بئريجن تي استعمال ٿيندڙ ٻوڏ جي درجي بندي جي نظام جو پڻ جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ معمول جي ٻوڏ، گھٽ درجي جي ٻوڏ، مٿانهين درجي جي ٻوڏ، انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ ۽ سپر فلڊ جا درجا شامل آهن۔ اختيارين اجلاس کي ٻڌايو ته ٻوڏ حفاظتي بندن جو هٿياربند فوج جي تعاون سان سروي ڪيو پيو وڃي جڏهن ته نيشنل هائي وي اٿارٽي، پاڪستان ريلويز ۽ ٻين اهم ادارن کي پڻ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ۽ صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽرن جي وچ ۾ 24 ڪلاڪ رابطي جو نظام پڻ فعال ڪيو ويو آهي ته جيئن معلومات جي فوري منتقلي ۽ گڏيل ردعمل کي يقيني بڻائي سگهجي۔ اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 2024ع کان 2027ع دوران متوقع ايل نينو جي صورتحال خريف جي فصلن کي سخت گرمي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب متاثر ڪري سگهي ٿي۔ چانورن، ڪپهه، مڪئي ۽ ڪمند جي پيداوار مختلف درجن تائين متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن سان غذائي تحفظ ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ روزگار کي پڻ اضافي خطرا پيش اچي سگهن ٿا۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي سنڌ ۾41600 کان وڌيڪ تربيت يافته رضاڪار هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود آهن، جن ۾ سول ڊيفينس جا اهلڪار، ريسڪيو اسڪائوٽس, پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ جا رضاڪار، الخدمت جون ٽيمون، اسڪائوٽس اينڊ گائيڊز، هيلپنگ هينڊز جا رضاڪار ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جا رضاڪار شامل آهن۔ نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي بريفنگ ۾ هنگامي حالتن دوران مختلف قسمن جي خطرن بابت خبردارين جي وقتائتي منتقلي ۽ افواهن کي روڪڻ لاءِ مقامي ميڊيا، ڪميونيٽي ريڊيو نيٽ ورڪس، ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر ۽ ڊيجيٽل فوڪل پرسنز جي ڪردار کي پڻ نمايان ڪيو ويو، ته جيئن هڪ مربوط افواهه ڪنٽرول نظام ذريعي صحيح معلومات عوام تائين پهچائي سگهجي۔ اجلاس ۾ موسمياتي تبديليءَ سان مطابقت پيدا ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي وارن قدمن جو پڻ جائزو ورتو ويو، جن ۾ ٿڌيون سڙڪون، گرمي کي موٽائيندڙ شاهراهون، هيٽ اسٽروڪ سينٽر، جديد طرز جا پارڪ، ساحلي علائقن جي منظم منتقلي، مينگرووز جي شجرڪاري، شهري وڻن جون راهداريون، گرين روفس، برسات جي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ جا نظام ۽ موسمياتي تبديليءَ سان هم آهنگ شهري منصوبابندي جا قدم شامل آهن۔ ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي کاتي جي اختيارين سنڌ ۾ موسمياتي تحفظ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ سنڌ ڪلائيميٽ انفارميشن سسٽم جو قيام، هڪ مربوط ڊيجيٽل موسمياتي شروعاتي وارننگ پليٽ فارم جي تشڪيل، ضلعي سطح تي موسمياتي خطرن جا ڊيش بورڊز، موسمياتي حساسيت جي نقشه سازي، ڊيجيٽل مانيٽرنگ ۽ رپورٽنگ سسٽمز، طوفاني برساتن جي پاڻيءَ جي انتظام جا منصوبا، برسات جي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ جا قدم، شهري ٻوڏ جي ماڊلنگ ۽ ماحولياتي نظام تي ٻڌل موافقتي پروگرام شامل آهن۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا ۾ مينگرووز جي بحاليءَ جي منصوبي کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ، اسپنج سٽي منصوبابنديءَ جي اصولن کي هٿي ڏيڻ، هيٽ ويو ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ايڪشن پلانز کي وسعت ڏيڻ، زمين جي هيٺان پاڻي جي ري چارجنگ واري نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ موسمياتي اڳڪٿي ۽ خطرن جي بهتر جائزي لاءِ قومي اڳڪٿي ڪندڙ ادارن سان رابطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون آهن۔ان موقعي تي وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته موسمياتي تبديلي هاڻي مستقبل جو نه پر موجوده دور جو خطرو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي گڏيل قدم اڻٽر آهن. هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ تمام معمولي حصو ڏيڻ جي باوجود موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي۔ شروعاتي وارننگ سسٽمز، مقامي سطح تي مزاحمتي صلاحيت ۽ عوامي آگاهي کي مضبوط ڪرڻ اسان جي عوام ۽ معيشت جي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي۔ نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته ملڪ ٽيڪنالاجي، اڳڪٿي تي ٻڌل تجزياتي نظام ۽ حقيقي وقت جي معلومات تي ٻڌل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي۔ هن چيو ته شروعاتي وارننگ مان اڳڪٿي تي ٻڌل ڊيزاسٽر انٽيليجنس ڏانهن منتقلي سان خطرن جو اڳواٽ اندازو لڳائڻ، وقتائتيون ايڊوائزريون جاري ڪرڻ ۽ هر سطح تي بهتر ۽ اثرائتا فيصلا ڪرڻ جي اسان جي صلاحيت ۾ نمايان واڌ ٿيندي۔ آبپاشي واري وزير جام خان شورو چيو ته سنڌ مختلف کاتن جي وچ ۾ بهتر رابطن، ٻوڏ کان بچاءُ جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ حساس علائقن جي مسلسل نگراني ذريعي مون سون سيزن لاءِ پنهنجي تيارين ۾ نمايان بهتري آندي آهي۔ هن چيو ته اسان درياهن جي نظام، نيڪال جي نيٽ ورڪ ۽ ٻوڏ کان بچاءُ جي ڍانچي جي مسلسل نگراني ڪري رهيا آهيون۔ سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ انساني جان و مال جي تحفظ لاءِ مڪمل طور تي تيار رهن۔

مزید خبریں