ڊي سي لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ ايل پي جي جي قيمتن بابت اجلاس منعقد

لاڙڪاڻو - 10 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ايل پي جي جي وڌندڙ قيمتن جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-I لاڙڪاڻو سيد غضنفر علي شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا قريشي، ڊي ايس پي حيدري احمد بخش راهوجو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائيس ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو مير شاهنواز شيخ ۽ ٻين …

لاڙڪاڻو – 10 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ايل پي جي جي وڌندڙ قيمتن جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-I لاڙڪاڻو سيد غضنفر علي شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا قريشي، ڊي ايس پي حيدري احمد بخش راهوجو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائيس ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو مير شاهنواز شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائس ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو ضلعي لاڙڪاڻو ۾ ايل پي جي جي وڌيڪ قيمتن بابت ڊپٽي ڪمشنر کي بريفنگ ڏني ۽ اوگرا پاران 30 جون 2026 تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق اوگرا جي نئين نوٽيفائيڊ قيمت کان پڻ آگاهه ڪيو. نوٽيفڪيشن موجب صارفين لاءِ ايل پي جي جي وڌ ۾ وڌ قيمت 241.43 رپيا في ڪلوگرام مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته 11.8 ڪلوگرام گهريلو سلنڈر جي وڌ ۾ وڌ قيمت 2848.91 رپيا آهي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ضلعي لاڙڪاڻو جي سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن، پوليس کاتي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائس ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو ۽ ضلعي لاڙڪاڻو جي سڀني مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته اهي ايل پي جي جي نئين نوٽيفائيڊ قيمت تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته روزانو جي بنياد تي عملدرآمد رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي.

مزید خبریں