لاڙڪاڻو - 10 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان ۽ اسان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گھرجن ان مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻهراڙي خاص طور تي ڪچي وارن علائقن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گھرجي.اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ايندڙ پوليو مهم جي سلسلي ۾ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن …
پوليو جي موذي مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گھرجن: ڊي سي لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو – 10 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان ۽ اسان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گھرجن ان مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻهراڙي خاص طور تي ڪچي وارن علائقن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گھرجي.اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ايندڙ پوليو مهم جي سلسلي ۾ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جي ضلعي لاڙڪاڻي جي پٺ تي پيل علائقن طرف ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن وڌ ۾ وڌ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا ۽ ويڪسين لڳائي سگھجي ۽ ان سلسلي ۾ اتان پوليو جا سيمپل پڻ ورتا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ پوليو مهم دوران چئن مهينن کان پنجن سالن تائين جي ٻارڙن کي پوليو جي ڦڙن سان گڏوگڏ ويڪسين پڻ لڳائي ويندي ته جيئن ان مرض جو مڪمل طور تي خاتمو ٿي سگھي ۽ ان سلسلي ۾ جيئن ئي اسڪول کلن ته اتي استادن سان گڏوگڏ والدين کي ويڪسين بابت آگاهي پڻ ڏني وڃي. هن چيو ته اها توهان ۽ اسان جي گڏيل ذميواري آهي ۽ قومي ڪاذ پڻ آهي ته پنهنجن ٻارڙن کي خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا ۽ ويڪسين پڻ لڳرائين.ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون خير محمد شيخ ڳالهائيندي چيو ته شهر جي ڪچين آبادين طرف ڌيان ڏنو وڃي ۽ اتان سيمپل ورتا وڃن ته جيئن کين خبر پوي ۽ شهر جي هر يونين ڪائونسل طرف ٽيمون موڪلي اتان جي ٻارڙن کان پڻ سيمپل ورتا وڃن.ان کان اڳ اجلاس کي آگاهي ڏيندي ڊاڪٽر راول مگسي ڳالهائيندي چيو ته آگاهي مهم جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي جناح ٽائون هال ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو وڃي جنهن سان عام ماڻهو کي ڄاڻ ملي سگھي ۽ ان سان گڏوگڏ گھر گھر وڃي والدين کي ان مهم بابت آگاهي ڄاڻ ڏني وڃي.ياد رهي ته ايندڙ پوليو مهم 06 آگسٽ کان 13 آگسٽ 2026ع تائين جاري رهندي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 99 هزار ٻارڙن کي پوليو ڦڙن سان گڏوگڏ ويڪسين پڻ لڳائي ويندي.اجلاس ۾ واسطيدار کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.












