ڍاڪا-10 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش جي ڏکڻ اوڀر علائقن ۾ سانوڻي جي تيز برساتن سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ايجنسي جي رپورٽ موجب ملڪ جي ڏکڻ اوڀر حصن ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب چُرپُر جا رابطا ڪٽجي ويا، هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن ۽ عملدارن خبردار ڪيو آهي ته وڌيڪ 48 کان 72 ڪلاڪن جي سخت برساتن سبب …
بنگلاديش ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 30 ماڻهو فوت، 10 هزار ماڻهو ڦاٿل
ڍاڪا-10 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش جي ڏکڻ اوڀر علائقن ۾ سانوڻي جي تيز برساتن سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ايجنسي جي رپورٽ موجب ملڪ جي ڏکڻ اوڀر حصن ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب چُرپُر جا رابطا ڪٽجي ويا، هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن ۽ عملدارن خبردار ڪيو آهي ته وڌيڪ 48 کان 72 ڪلاڪن جي سخت برساتن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. بنگلاديش جي موسمياتي کاتي ايندڙ ٻن ڏينهن دوران سمورن 8 ڊويزنن ۾ سخت برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، چٽاگانگ جي پهاڙي ضلعن ۾ تازي لينڊ سلائيڊنگ ۽ ڍاڪا ۽ چٽاگانگ ميٽرو پوليٽن علائقن ۾ عارضي طور تي پاڻي جمع هئڻ جي وارننگ ڏني آهي. چٽاگانگ، ڪاڪس بازار، مونگلا ۽ پائره جي سامونڊي بندرگاهن کي مقامي احتياطي سگنل نمبر 3 جاري ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي جڏهن ته ملاحن کي ٻيڙيون ڪِنارن تي بيهارڻ جو چيو ويو آهي. ڊزاسٽر مئنجمينٽ ۽ رليف واري وزير اسد الحبيب دولو پارليامينٽ کي ٻُڌايو ته چٽاگانگ، ان جي جابلو علائقن ۽ ڪاڪس بازار ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ ۽ برسات بابت ٻين واقعن سبب گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ 30 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، ان ۾ ڪاڪس بازار ۾ 19، چٽاگانگ ۾ 5، بندر بن ۾ 5 ۽ رنگامتي جو هڪ شخص شامل آهي. برسات سبب ٽرانسپورٽ کي سخت متاثر ڪيو آهي، لينڊ سلائيڊنگ سان شاهراهن جا ڪجهه حصا ٻُڏي وڃڻ کان پوءِ بندر بن سان روڊ جو رابطو ڪٽجي ويو آهي جڏهن ته سيلاب بندر بن ٿانچي روڊ جا ڪجهه حصا بند ڪري ڇڏيا، ان کان علاوه چٽاگانگ ۽ ڪاڪس بازار کي ملائڻ وارن رستن تي به سفر ۾ رنڊڪ پئجي رهي آهي. بنگلاديش جي فوج 150 سياحن جي پهرين گروپ کي ٻوڏ سٽيل علائقن مان بچائي ورتو جڏهن ته 400 کان وڌيڪ جابلو ريزورٽ ۾ ترسيل سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻوڏ جي وهڪرن هيٺاهين وارن علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. سامونڊي طوفان گهرن، رستن، فصلن ۽ مڇي جي تلائن کي به پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي خاندان رڌ پچاءُ جي به قابل ناهن رهيا. ٻوڏ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ 10 هزار ماڻهو ڦاٿل آهن. اختيارين ڪمزور پهاڙي ضلعن مان ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.












