تهران-10 جولاءِ(اي پي پي) آمريڪا- اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي ڇهن ڏينهن جي آخري رسمن ۾ 4 ڪروڙ کان به وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي جو جلوس دنيا جو سڀ کان وڏو جلوس هيو جنهن جون تقريبون پنجن شهرن تهران، قم، نجف، ڪربلا ۽ مشهد ۾ منعقد ٿيون …
ايران جي شهيد سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي جي ڇهن ڏينهن وارين آخري رسمن ۾ چار ڪروڙ ماڻهن شرڪت ڪئي: رپورٽ

مزید خبریں
تهران-10 جولاءِ(اي پي پي) آمريڪا- اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي ڇهن ڏينهن جي آخري رسمن ۾ 4 ڪروڙ کان به وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي جو جلوس دنيا جو سڀ کان وڏو جلوس هيو جنهن جون تقريبون پنجن شهرن تهران، قم، نجف، ڪربلا ۽ مشهد ۾ منعقد ٿيون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪندڙ جي انگ جو ڪاٿو چار ڪروڙ ڏهه لک کان چار ڪروڙ ٽيهه لک تائين لڳايو ويو آهي. شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي جي سرڪاري طور تي آخري رسمون گذريل هفتي کان شروع ٿيون جڏهن تهران جي گرينڊ موسيلا مذهبي ڪامپليڪس ۾ سندس ميت رکي وئي. ان موقعي تي هزارين ماڻهن کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. سندس آخري رسمن ۾ 100 کان به وڌيڪ ملڪن جي نمائندن، ايران جي علائقائي اتحادي گروپن، غزه مان اسلامي جهاد، لبنان مان حزب الله ۽ يمن مان حوثين جي وفدن پڻ شرڪت ڪئي. مڙهه کي مرڪزي تهران ۾ ان جي ڪمپائونڊ تي آمريڪي اسرائيلي حملي ۾ شهادت جي چئن مهينن کان به وڌيڪ عرصي کانپوءِ مشهد ۾ امام علي رضا جي روضي جي پڌر ۾ دفن ڪيو ويو.











