ميڊرڊ-10 جولاءِ(اي پي پي) اسپين جي ڏاکڻي خودمختيار علائقي اندلوسيا جي صوبي الميريا جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سبب 12 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اندلوسيا جي ايمرجنسي سروس ٻڌايو ته گذريل منجهد جو ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع مليو هو ، شديد گرمي ، گهٽ، نمي ۽ تيز هوائن سبب باهه تيزي سان ويجهن علائقن تائين ڦهلجي وئي . علائقائي حڪومت اندلوسيا ۾ …
اسپين جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سبب 12 ماڻهو اجل جو شڪار

مزید خبریں
ميڊرڊ-10 جولاءِ(اي پي پي) اسپين جي ڏاکڻي خودمختيار علائقي اندلوسيا جي صوبي الميريا جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سبب 12 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اندلوسيا جي ايمرجنسي سروس ٻڌايو ته گذريل منجهد جو ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع مليو هو ، شديد گرمي ، گهٽ، نمي ۽ تيز هوائن سبب باهه تيزي سان ويجهن علائقن تائين ڦهلجي وئي . علائقائي حڪومت اندلوسيا ۾ ٻيلن جي باهه جي هنگامي منصوبي تحت ليول 1 ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي اهي ، جنهن سان ويجهي آبادي کي خالي ڪرايو ويو جڏهن ته A-7 موٽروي ۽ N-340A شاهراهه جا ڪجهه حصا عارضي طورتي بند ڪري ڇڏيا آهن . سرڪاري بيان مطابق ڪجهه لاش اهڙين گاڏين مان مليا جيڪي باهه جي لپيٽ ۾ اچي سڙي ويا آهن . باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ امدادي ڪارروايون سڄي رات جاري آهن . ٽيمون زميني عملي ، باهه وسائڻ وارن جهازن ۽ هيلي ڪاپٽرن جي مدد سان باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون جاري رکيون آهن . عدالتي اختيارين باهه لڳڻ جو سبب معلوم ڪرڻ ۽ اجل جو شڪار ٿي ويلن جي باقاعده سڃاڻپ لاءِ جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته فائر فائٽنگ آپريشن مڪمل ٿيڻ تائين ايمرجنسي سروسز کي هاءِ الرٽ رکيو ويو آهي.











