ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي انتظامن کي حتمي شڪل لاءِ گڏجاڻي منعقد

لاڙڪاڻو /قمبر شهدادڪوٽ -09 جولاءِ (اي پي پي)  ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق جي صدارت هيٺ 06 آگسٽ کان 13 آگسٽ 2026ع تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ درٻار ھال ڊي سي آفيس قمبر ۾ هڪ اھم ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾  ڊاڪٽر گلزار علي تونيو ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عملدارن ۽ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي ان موقعي تي …

لاڙڪاڻو /قمبر شهدادڪوٽ -09 جولاءِ (اي پي پي)  ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق جي صدارت هيٺ 06 آگسٽ کان 13 آگسٽ 2026ع تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ درٻار ھال ڊي سي آفيس قمبر ۾ هڪ اھم ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾  ڊاڪٽر گلزار علي تونيو ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عملدارن ۽ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊاڪٽر فريد لاڙڪ ( نيشنل اسٽاپ آفيسر)  بريفنگ ڏيندي چيو ته  ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾  ٽوٽل يوسيز جو تعداد 72 آهي جنهن مان 16 يوسيز جي هڪ لک 42 ھزار 807 ٽارگيٽ آهي جنهن ۾ ڏھن سالن کان گهٽ ڄمار جي ٻارڙن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا ۽ چئن مهينن کان 10 سالن تائين جي ٻارڙن کي سُئيءَ جي وسيلي پوليو کان بچاءُ جي خوراڪ ڏني ويندي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ھدايتون ڏيندي چيو ته پوليو بوسٽر ڊوز جي مھم کي 100 سيڪڙو ڪامياب بڻائڻ لاءِ ضلعي جي سڀني اسٽيڪ ھولڊرن ۽ ذميدارن کي ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته جيئن قمبر شهدادڪوٽ ضلعو پوليو کان پاڪ ٿي وڃي ھُن وڌيڪ چيو ته ھن مھم ۾ غفلت يا ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو. ان ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته ھِن پوليو بوسٽر ڊوز مھم ۾ پنهنجي گلڙن جھڙن ٻارڙن کي ڦڙا پياري هميشه جي معذوري کان بچايو.

مزید خبریں