ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو بجيٽ اجلاس ، ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي تجويز ڪيل بجيٽ جا تفصيل پيش

لاڙڪاڻو -09 جولاءِ (اي پي پي) ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو بجيٽ اجلاس چيئرمين اعجاز احمد لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي تجويز ڪيل بجيٽ جو شروعاتي بيلنس 20 ڪروڙ، 87 لک 28 هزار 125 رپيه، تجويز ڪيل آمدني 01 ارب، 34 ڪروڙ، 66 لک 75 هزار 200 رپيه، ڪل آمدني 01 ارب، 55 ڪروڙ، 54 لک 03 هزار 325  رپيه، جڏهن ته تجويز ڪيل …

لاڙڪاڻو -09 جولاءِ (اي پي پي) ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو بجيٽ اجلاس چيئرمين اعجاز احمد لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي تجويز ڪيل بجيٽ جو شروعاتي بيلنس 20 ڪروڙ، 87 لک 28 هزار 125 رپيه، تجويز ڪيل آمدني 01 ارب، 34 ڪروڙ، 66 لک 75 هزار 200 رپيه، ڪل آمدني 01 ارب، 55 ڪروڙ، 54 لک 03 هزار 325  رپيه، جڏهن ته تجويز ڪيل آمدني هدف  52 ڪروڙ، 30 لک، 11 هزار 634 رپيه ۽ ترقياتي خرچ 01 ارب، 03 ڪروڙ، 11 لک 71 هزار رپيه ٻڌائي وئي. هن نئين مالي سال 27-2026ع ۾ پگھارن، پينشن، گريجوئيٽي ۽ ليو انڪيشمينٽ جي مد ۾ رکيل رقم جا تفصيل پڻ پيش ڪيا، جنهن تحت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن وغيره لاءِ 45 ڪروڙ، 15 لک 56 هزار 634 رپيه رقم رکي وئي آهي. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته روزگار اسڪيمن تحت اوهان تجويزون مڪمل ڪري ڏيو ته جيئن اسان انهن تي رقم مخصوص ڪريون ته جيئن غريبن کي روزگار ملي سگھي. ان سان گڏوگڏ هن وڌيڪ چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي ڪوششن سان اي ڊي پي اسڪيمن لاءِ رقم رکي وئي جنهن تحت ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آهن جن کي مڪمل ڪرايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته هر يونين ڪائونسل ۾ بيروزگارن کي چنگچي رڪشا ڏنا ويا آهن جنهن سان هو روزگار ڪري رهيا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ بيروزگار نوجوانن کي ريڙها پڻ ڏنا ويندا جنهن کي هلائي هو پنهنجو گذر سفر ڪري سگھن. لاڙڪاڻي ضلعي جي هر مين روڊ تي گرين بيلٽ قائم ڪيا ويا آهن جنهن سان شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو پڻ ٿيو آهي ۽ ان سان گڏ باقي رهيل علائقن ۾ پڻ گرين بيلٽ قائم ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته باڊھ شهر ۾ ميڊيڪل سينٽر، ڊسپينسري ۽ ويم گھر پڻ تعمير ٿي رهيو آهي جنهن سان اتان جي ماڻهن ۽ آسپاس جي علائقن جي شهرين کي صحت جون سهولتون پڻ مهيا ٿينديون ۽ هر يونين ڪائونسل ۾ بلب، سولر لائيٽس پڻ لڳايون ويون آهن.اجلاس ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون بلند خان جوڻيجو ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين ضلعا ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري جي قيادت ۾ تمام بهترين ڪم ٿيا آهن جنهن تحت بيروزگار نوجوانن کي چنگچي رڪشا ۽ لوڊر پڻ ڏنا ويا آهن جن سان انهن جا گھر آباد ٿيا آهن.بجيٽ اجلاس دوران وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اسد الله ڀٽو ڳالهائيندي چيو ته مختلف ترقياتي ڪم جيڪي اوهان جي دور ۾ ٿيا آهن اهو تمام سٺو عمل آهي کيس مبارڪ باد ڏيان ٿو ۽ عوام هن قدم کي ساراهيو آهي ان سان گڏوگڏ مان اها پڻ تجويز ڏيندس ته قمبر-شهدادڪوٽ طرف ويندڙ روڊن تي گرين بيلٽ لڳايا وڃن جنهن سان خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو.اجلاس ۾ مختلف ميمبرن صفائي سٿرائي، ترقياتي ڪمن، سولر لائيٽس، غريب ماڻهن ۾ سولر پليٽن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ سان گڏوگڏ بجيٽ تجويزون پڻ پيش ڪيون جيڪي يڪراءِ سان منظور ڪيون ويون.

مزید خبریں