لاڙڪاڻي جي دڙي ٽائون جي چيئرمين جي هدايت تي صفائيءَ جي مهم جاري

لاڙڪاڻو-09 جولاءِ (اي پي پي) دڙي ٽائون لاڙڪاڻو جي چيئرمين شاھ رخ انور جي هدايتن تي صفائي جي عملي طرفان ٽائون جي مختلف علائقن دڙي محلا، خالق ڪالوني، رحمت پور، الله آباد، ڀينس ڪالوني، گاسليٽ ڊيپو، خدا آباد، ممتاز ڪالوني، رضوان ڪالوني، شاهو ٻوراهو، جڙيو چانڊيو سميت ٻين علائقن ۾ صفائي سٿرائي ڪرڻ سان گڏ ڪچرو کنيو ويو. ان سلسلي ۾ ٽائون چيئرمين شاھ رخ انور سيال جو چوڻ هو …

لاڙڪاڻو-09 جولاءِ (اي پي پي) دڙي ٽائون لاڙڪاڻو جي چيئرمين شاھ رخ انور جي هدايتن تي صفائي جي عملي طرفان ٽائون جي مختلف علائقن دڙي محلا، خالق ڪالوني، رحمت پور، الله آباد، ڀينس ڪالوني، گاسليٽ ڊيپو، خدا آباد، ممتاز ڪالوني، رضوان ڪالوني، شاهو ٻوراهو، جڙيو چانڊيو سميت ٻين علائقن ۾ صفائي سٿرائي ڪرڻ سان گڏ ڪچرو کنيو ويو. ان سلسلي ۾ ٽائون چيئرمين شاھ رخ انور سيال جو چوڻ هو ته صاف ۽ صحتمند ماحول جي فراهمي ٽائون انتظاميا جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته ٽائون جي هر وارڊ ۾ روزاني جي بنيادن تي صفائي جو عمل جاري رکيو ويو آهي، جڏهن ته علائقن جي روڊن، رستن، گهٽين، بازارن ۽ ٻين هنڌن جي باقاعده صفائي ڪرڻ سان گڏ عملي پاران ڪچرو مقرر هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته برساتي موسم کي نظر ۾ رکندي نالين جي صفائي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن پاڻي جي نيڪال ۾ ڪا رڪاوٽ پيش نه اچي ۽ شهري ڪنهن به تڪليف کان بچي سگهن.

مزید خبریں