بدين۔ 09 جولاءِ (اي پي پي) ضلعي ڪائونسل بدين ضلعي جي مالي سال 27-20026ع جي 96 ڪروڙ 38 لک 40 ھزار 4 سو 22 روپين جي بجيٽ منظور ڪري ورتي آهي جڏهن ته 28 لک 56 ھزار 3 سو 35 روپين جي بچت ظاهر ڪئي وئي آهي. ضلعي ڪائونسل بدين جي چيئرمين ڄام علي اصغر هاليپوٽو خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر هال ۾ ضلعي ڪائونسل بدين جي سال 27-2026ع جي …
بدين ضلعي جي سال 27-20026 جي 96 ڪروڙ 38 لک 40 ھزار 4 سو 22 روپين جي بجيٽ متفقه طور تي منظور، 28 لک 56 ھزار 3 سو 35 روپين جي بچت ظاهر

مزید خبریں
بدين۔ 09 جولاءِ (اي پي پي) ضلعي ڪائونسل بدين ضلعي جي مالي سال 27-20026ع جي 96 ڪروڙ 38 لک 40 ھزار 4 سو 22 روپين جي بجيٽ منظور ڪري ورتي آهي جڏهن ته 28 لک 56 ھزار 3 سو 35 روپين جي بچت ظاهر ڪئي وئي آهي. ضلعي ڪائونسل بدين جي چيئرمين ڄام علي اصغر هاليپوٽو خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر هال ۾ ضلعي ڪائونسل بدين جي سال 27-2026ع جي 28 لک 56 ھزار 3 سو 35 روپين جي بچت واري ڪُل 96 ڪروڙ 66 لک 96 هزار 7 سو 57 روپي جي ڪاٿي واري بجيٽ پيش ڪئي، ٽوٽل خرچن جو ڪاٿو 96 ڪروڙ 38 لک 40 هزار 4 سو 22 روپيا لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ڪُل بچت 28 لک 56 ھزار 3 سو 35 روپيا ٿي آهي، جڏهن ته گذريل سال جو اوپننگ بيلنس 24 ڪروڙ 56 هزار 91 روپيا پڻ شامل آهي، ضلعي ڪائونسل جي سالياني بجيٽ ۾ روينيو آمدني جنهن ۾ او زيڊ ٽي ٽيڪس، فشريز، لوڪل سيز ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، مووابيل پراپرٽي ٽيڪس، ٽاور، ميلا، مسواڙ وغيره جي مد ۾ 69 ڪروڙ 98 لک 74 هزار روپيا، ڪيپيٽل آمدني ۾ 2 ڪروڙ 67 لک 66 هزار 6 سو 66 روپيا، جڏهن ته ٽوٽل خرچڻ جي مد ۾ ملازمن جي پگهار بمعه پينشن رٽائر ملازمن کي ڪميوٽيشن ۽ ٻين مراعتن جي مد ۾ 30 ڪروڙ 69 لک 73 هزار 7 سو 72 روپيا، ترقياتي ڪمن لاءِ 55 ڪروڙ 85 لک روپيا، نون ڪمن لاءِ 43 ڪروڙ روپيا، مستحق شاگردن جي اسڪالر شپ لاءِ 25 لک روپيا، حڪومت طرفان مڙهيل خرچن ۽ ريزوڪيل خرچ لاءِ 32 لک 50 ھزار روپيا، سوشل ويلفيئر ۽ اسپورٽس لاءِ 1 ڪروڙ روپيا، قدرتي آفات کي منهن ڏيڻ لاءِ 1 ڪروڙ روپيا، سڀني قسمن جي رهتن لاءِ 1 ڪروڙ 58 لک 22 ھزار 8 سو 65 مختض ڪيا ويا آهن. ضلعي ڪائونسل چيئرمين ڄام علي اصغر هاليپوٽو بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ضلع ڪائونسل بدين جو مالي سال 27-2026ع لاءِ ساليانو بجيٽ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ عوامي مفادن، ترقياتي ڪمن ۽ بنيادي سهولتن کي ترجيح ڏني وئي آهي. بجيٽ اجلاس دوران چيئرمين ضلع ڪائونسل بدين چيو ته پيش ڪيل بجيٽ عوام جي اميدن تي پورو لهندو، جنهن ذريعي ضلعي ۾ ترقي ۽ عوامي خدمت جي نئين راهون کلي سگهن ٿيون. ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن جي رهنمائي ۾ ضلعي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين ضلعي ڪائونسل بدين جي سال 27-2026 جي سالاني بجيٽ متفقه طور منظور ڪئي وئي بجيٽ اجلاس ۾ وائس چيئرمين ضلع ڪائونسل فدا حسين منڌرو، چيف آفيسر ضلع ڪائونسل اشوڪ ڪمار، ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، ڊي ايس پي پير شبير، ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري حاجي مير ملاح ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.











