ڪراچي- 09 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه مادرِ ملت فاطمه جناح جي 59هين ورسي جي موقعي تي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته فاطمه جناح تحريڪِ پاڪستان ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تاريخي ۽ يادگار ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته مادرِ ملت جون قومي، جمهوري ۽ عوامي خدمتون هميشه قوم لاءِ مشعلِ راهه رهنديون. هن …
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پاران مادرِ ملت فاطمه جناح جي 59هين ورسي جي موقعي تي کيس زبردست خراجِ عقيدت پيش

مزید خبریں
ڪراچي- 09 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه مادرِ ملت فاطمه جناح جي 59هين ورسي جي موقعي تي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته فاطمه جناح تحريڪِ پاڪستان ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تاريخي ۽ يادگار ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته مادرِ ملت جون قومي، جمهوري ۽ عوامي خدمتون هميشه قوم لاءِ مشعلِ راهه رهنديون. هن چيو ته فاطمه جناح حق، آئين ۽ جمهوريت جي بالادستي لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي، جنهن کي پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو. سيد اويس قادر شاهه وڌيڪ چيو ته مادرِ ملت جون قربانيون ۽ قومي خدمتون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن، جڏهن ته نئين نسل کي فاطمه جناح جي ڪردار، اصولن ۽ قومي خدمتن مان رهنمائي حاصل ڪري ملڪ جي ترقي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.











