ڊي سي طارق منظور چانڊيو پاران ٻيڙو چانڊيو جو دورو، مختلف اسڪيمن جو جائزو ورتو

لاڙڪاڻو - 09(اي پي پي)لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو، قمبر جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر صوبائي هاءِ ويز ، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ لاڙڪاڻو، يوسي ٻيڙو چانڊيو جي چيئرمين ۽ ٻين عملدارن سان گڏجي لاڙڪاڻو-قمبر ٻٽي روڊ جي ٻيڙو چانڊيو باءِ پاس جي سائيٽ جو دورو ڪيو. ايگزيڪيوٽو انجنيئر صوبائي هاءِ ويز قمبر ۽ سندس ٽيم ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي سائيٽ تي روڊ، پل ۽ ڪلورز جي تعمير …

لاڙڪاڻو – 09(اي پي پي)لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو، قمبر جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر صوبائي هاءِ ويز ، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ لاڙڪاڻو، يوسي ٻيڙو چانڊيو جي چيئرمين ۽ ٻين عملدارن سان گڏجي لاڙڪاڻو-قمبر ٻٽي روڊ جي ٻيڙو چانڊيو باءِ پاس جي سائيٽ جو دورو ڪيو. ايگزيڪيوٽو انجنيئر صوبائي هاءِ ويز قمبر ۽ سندس ٽيم ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي سائيٽ تي روڊ، پل ۽ ڪلورز جي تعمير بابت بريفنگ ڏني.ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ يو سي چيئرمين ٻيڙو چانڊيو کي هدايت ڪئي ته منصوبي کي آساني سان مڪمل ڪرڻ لاءِ سائيٽ تان غير قانوني حددخلين کي فوري طور تي هٽرايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي هدايت ڪئي ته معياري مواد جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سائيٽ تي روڊ، پلن ۽ ڪلورز جي ڪم جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، خاص طور تي پوکي لاءِ زمينن ۾ پاڻي جي وهڪري لاءِ پل ۽ ٻٽي روڊ کي لاڙڪاڻو ضلعي جي حدن سان لاڳاپيل حصو مڪمل ڪيو وڃي.،

جڏهن ته ان کانسواءِ هُن ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آءِ سيڪنڊري ۽ صحت کاتي لاڙڪاڻي جي ٻين آفيسرن سان گڏجي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ واقع بيسڪ هيلٿ يونٽ ٻيڙو چانڊيو جو دورو ڪيو. دوري دوران ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آءِ سيڪنڊري طرفان ڊپٽي ڪمشنر کي بيسڪ هيلٿ يونٽ جي ڪارڪردگي ۽ مهيا ڪيل سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊپٽي ڪمشنر دوري ۾ او پي ڊي، الٽراسائونڊ روم، دوائن جو ڪمرو، ليبر روم، نيوٽريشن اسٽور ۽ اي پي آءِ روم جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي هن او پي ڊي ۽ دوائن جي داخلا جو رڪارڊ به چيڪ ڪيو.هن ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آءِ سيڪنڊري کي هدايت ڪئي ته ايمرجنسي جي صورت ۾ مريضن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. سمورن مريضن کي معياري دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ اي پي آءِ ڪوريج کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي اپاءَ ورتا وڃن.