سعودي عرب پاران بلوچستان ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملن جي مذمت

رياض -09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب بلوچستان ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن تي ٿيل حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ ڪيتريون فوتگيون ٿيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت گذريل بيان ۾ مملڪت طرفان دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي سمورين ڪارروائين کي مڪمل طورتي رد ۽ پاڪستان جي برادر عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. بيان ۾ پاڪستان جي علائقائي سلامتي …

رياض -09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب بلوچستان ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن تي ٿيل حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ ڪيتريون فوتگيون ٿيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت گذريل بيان ۾ مملڪت طرفان دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي سمورين ڪارروائين کي مڪمل طورتي رد ۽ پاڪستان جي برادر عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. بيان ۾ پاڪستان جي علائقائي سلامتي برقرار رکڻ لاءِ سندن سيڪيورٽي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءِ ڪيو ويو. وزارت شهيدن جي ڪٽنب، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت ڪئي.

مزید خبریں