رياض-09 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب ڪويت ۽ بحرين تي ايران جي بار بار حلن جي شديد مذمت ڪندي ان کي رياستي خودمختياري ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پرڏيهي وزارت بيان ۾ ايران کي ان جي لڳاتار جارحيت جي نتيجن جو ذميوار قرار ڏنو ۽ علائقي جي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ انهن خلاف ورزين کي فوري طور تي روڪڻ جو …
بحرين ۽ ڪويت تي ايراني حملا رياستي خودمختياري جي خلاف ورزي آهن، سعودي عرب انهن جي مذمت ڪري ٿو

مزید خبریں
رياض-09 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب ڪويت ۽ بحرين تي ايران جي بار بار حلن جي شديد مذمت ڪندي ان کي رياستي خودمختياري ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پرڏيهي وزارت بيان ۾ ايران کي ان جي لڳاتار جارحيت جي نتيجن جو ذميوار قرار ڏنو ۽ علائقي جي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ انهن خلاف ورزين کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪيو. سعودي عرب ڪويت ۽ بحرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي خودمختياري جي تحفظ لاءِ کنيل سمورن قدمن جو ورجاءُ ڪيو. ياد رهي ته ايران جي پاسداران انقلاب فورس دعويٰ ڪئي هئي ته اربع واري ڏينهن بحرين ۽ ڪويت تي آمريڪا جي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي. ڪويت ۽ بحرين جو چوڻ هيو ته سندن فضائي دفاعي نظام دشمن جي ميزائل ۽ ڊرون حملن کي منهن ڏئي رهيو آهي.











