روس جي شهرين لاءِ ويزا فري سفر جي سهولت برقرار رهندي، ڪنهن به قسم جي نئين ويزا پابندي لاڳو نه ڪئي ويندي: سربيا

يڪاترنبرگ-09 جولاءِ (اي پي پي) سربيا واضح ڪيو آهي ته روس جي شهرين لاءِ ويزا فري سفر جي سهولت برقرار رهندي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي نئين ويزا پابندي لاڳو نه ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي اقتصادي تعاون لاءِ سربيا جي وزير نيناد پوپووچ ڳالهائيندي چيو ته مان يقين سان پنهنجي صدر جا لفظ ورجائيندي اهو چئي سگهان ٿو ته سربيا روس جي شهرين تي ويزا جو …

يڪاترنبرگ-09 جولاءِ (اي پي پي) سربيا واضح ڪيو آهي ته روس جي شهرين لاءِ ويزا فري سفر جي سهولت برقرار رهندي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي نئين ويزا پابندي لاڳو نه ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي اقتصادي تعاون لاءِ سربيا جي وزير نيناد پوپووچ ڳالهائيندي چيو ته مان يقين سان پنهنجي صدر جا لفظ ورجائيندي اهو چئي سگهان ٿو ته سربيا روس جي شهرين تي ويزا جو شرط لاڳو نه ڪندو. هن چيو ته روس جا شهري ماسڪو ، سينٽ پيٽرزبرگ ۽ قازان مان سڌيءَ ريت اڏامن سان بغير ويزا بلغراد اچي سگهن ٿا. ان کانسواءِ بلغراد ۽ سوچي مان به سڌيءَ ريت اڏامون شروع ڪري سگهجن ٿيون. سندس موجب سربيا جو عوام روس جي سياحن کي تمام گهڻو پسند ڪري ٿو. سال 2026 جي پهرين ڇهن مهينن دوران روس جي سياحن جي سربيا ڏانهن غير ملڪي سياحن ۾ پهرين پوزيشن رهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته روس جي شهرين لاءِ ويزا پابندين جو ڪو به منصوبو ناهي پر سربيا مستقبل ۾ روس مان وڌيڪ سياحن جي آمد جو خواهش مند آهي.

مزید خبریں