واشنگٽن-09 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي تازي عالمي اقتصادي جائزي واري رپورٽ جاري ڪندي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سال 2026ع ۾ عالمي معيشت جي ترقي جي شرح 3 سيڪڙو جڏهن ته سال 2027 ع ۾ 3.4 سيڪڙو رهندي. خميس ڏينهن جاري عالمي اقتصادي جائزي واري رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال اپريل ۾ جاري ڪيل عالمي اقتصادي جائزي واري رپورٽ …
هلندڙ سال عالمي معيشت جي ترقي جي شرح 3 سيڪڙو، سال2027ع ۾ 3.4 سيڪڙو رهندي: آءِ ايم ايف جي اقتصادي جائزه رپورٽ

مزید خبریں
واشنگٽن-09 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي تازي عالمي اقتصادي جائزي واري رپورٽ جاري ڪندي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سال 2026ع ۾ عالمي معيشت جي ترقي جي شرح 3 سيڪڙو جڏهن ته سال 2027 ع ۾ 3.4 سيڪڙو رهندي. خميس ڏينهن جاري عالمي اقتصادي جائزي واري رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال اپريل ۾ جاري ڪيل عالمي اقتصادي جائزي واري رپورٽ جي ڀيٽ ۾ آءِ ايم ايف سال 2026ع لاءِ عالمي اقتصادي ترقي جي اڳڪٿي ۾ 0.1 سيڪڙو پوائنٽس جي گهٽتائي ڪئي آهي. جڏهن ته 2027ع لاءِ ترقي جي شرح جي اڳڪٿي ۾ 0.2 سيڪڙو پوائنٽس جو اضافو ڪيو آهي، پر اها شرح 2024 ع ۽ 2025ع دوران رڪارڊ ڪيل شرح 3.5 سيڪڙو ترقي کان اڃان به گهٽ آهي. رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته چين جي معيشت 2026 ۾ 4.6 سيڪڙو ۽ 2027ع ۾ 4.1 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪندي. اهو اندازو اپريل جي اڳڪٿي جي ڀيٽ ۾ ترتيبوار 0.2 ۽ 0.1 سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2026 ع جي پهرين ٽن مهينن ۾ چين جي معيشت توقع کان بهتر ڪارڪردگي جو مطاهرو ڪيو، جنهن جو بنيادي سبب عوامي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، هاءِ ٽيڪ صنعتن ۾ ترقي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو شامل آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو، مسلسل غير يقيني ۽ ساختي سبب چين جي معاشي سرگرمين تي بدستور ڪجهه منفي اثر وجهي سگهي ٿو.











