ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن پاران معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻي ڪارروائي آهي. هن چيو ته وطن جي دفاع ۽ عوام جي …
شرجيل انعام ميمڻ پاران بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن پاران معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻي ڪارروائي آهي. هن چيو ته وطن جي دفاع ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيد سڄي قوم جو فخر آهن ۽ سندن قربانيون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏجي اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائيندي. هن چيو ته پاڪستان دشمن قوتون پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون.











