ڪوئيٽا- 08 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غزاله گوله، ضلعي زيارت ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن جي پوئينرن سان افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته امن امان جي قيام ۽ شهرين جي تحفظ خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس جا جوان قوم جا هيرو آهن، ملڪ ۽ قوم …
بلوچستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر پاران زيارت ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملي جي مذمت
ڪوئيٽا- 08 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غزاله گوله، ضلعي زيارت ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن جي پوئينرن سان افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته امن امان جي قيام ۽ شهرين جي تحفظ خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس جا جوان قوم جا هيرو آهن، ملڪ ۽ قوم جي خاطر ڏنل سندن عظيم قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته امن جي دشمن عنصرن ۽ ان بزدلاڻي ڪارروائي جي ماسٽر مائنڊز کي فوري طور تي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ۽ علائقي ۾ سيڪيورٽي جي انتظامن کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي. هن حملي ۾ شهيد ٿيلن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.











