ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي نيپيئر ۾ معصوم ٻار سان مبينا زيادتي ۽ قتل واري واقعي بابت پوليس رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار حمزه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار مقتول ٻار جو پاڙيسري آهي ۽ واقعي جو …
سنڌ جي وڏي وزير کي نيپيئر واقعي جي رپورٽ پيش
ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي نيپيئر ۾ معصوم ٻار سان مبينا زيادتي ۽ قتل واري واقعي بابت پوليس رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار حمزه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار مقتول ٻار جو پاڙيسري آهي ۽ واقعي جو ڪيس نيپيئر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪيس جي جاچ جي هو پاڻ نگراني ڪندو، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ۽ پوليس ٽيم اثرائتي ڪارروائي ڪئي.آزاد خان چيو ته مقتول ٻار جي وارثن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي سائوٿ کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندان سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي، هر مرحلي تي کين اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ جاچ مڪمل شفاف، غيرجانبدار ۽ ميرٽ جي بنياد تي مڪمل ڪئي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ڪيس جي جاچ ۽ پراسيڪيوشن کي مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن جوابدار کي قرار واقعي سزا ملي. وڏي وزير چيو ته معصوم ٻار سان پيش آيل انسانيت لڄائيندڙ واقعي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا رعايت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيپيئر ۾ 6 ورهين جي معصوم ٻار جي بي رحماڻي قتل ۽ مبينا زيادتي واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان واقعي بابت فوري ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي هُئي. ترجمان موجب وڏي وزير هدايت ڪئي ته جوابدار کي قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قانوني ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته معصوم ٻار جي قتل ۽ مبينا زيادتي ۾ ملوث ڪنهن به شخص سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. سيد مراد علي شاهه پوليس کي هدايت ڪئي ته جاچ مڪمل شفاف، غيرجانبدار ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي، جڏهن ته متاثر ٻار جي وارثن کي هر ممڪن قانوني سهائتا ۽ انصاف جي فراهمي به يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته هي واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ انسانيت لڄائيندڙ آهي، اهڙا عنصر سماج لاءِ ناسور آهن. وڏي وزير چيو ته ٻارن خلاف ٿيندڙ ڏوهه ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳا ناهن، ذميوارن کي قانون جي مڪمل گرفت ۾ آندو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تنهن ڪري ڪيس کي جلد کان جلد منطقي انجام تائين پهچائي جوابدار کي قرار واقعي سزا ڏيارڻ لاءِ سمورا قانوني قدم کنيا وڃن.











