ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت صوبي ۾ خصوصي بس روٽس شروع ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي کان قمبر تائين پيپلز بس سروس جو نئون روٽ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ٽرانس ڪراچي جي سي اي …
سنڌ حڪومت پاران لاڙڪاڻي کان قمبر تائين پيپلز بس سروس جو نئون روٽ هلائڻ جو فيصلو
ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت صوبي ۾ خصوصي بس روٽس شروع ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي کان قمبر تائين پيپلز بس سروس جو نئون روٽ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او زبير چنا ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي ۾ جاري ۽ تجويز هيٺ پبلڪ ٽرانسپورٽ منصوبن، آپريشنل معاملن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ڊبل ڊيڪر بسن، اي وي ٽيڪسين، اي وي بسن، پيپلز بس سروس، گرين لائين ۽ اورينج لائين جي آپريشنز تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جديد سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ خصوصي ايڪسڪليوسو بس روٽس متعارف ڪرائڻ چاهي ٿي، جن تي جديد ايئرڪنڊيشنڊ اليڪٽرڪ بسون هلنديون. هن چيو ته اهي روٽس نيلامي يا ٻين مقابلي واري شفاف طريقيڪار ذريعي نجي سيڙپڪارن کي آپريشن لاءِ ڏنا ويندا، جنهن سان عوام کي معياري ٽرانسپورٽ سهولتون ملنديون ۽ سيڙپڪاري کي پڻ هٿي ملندي. هن چيو ته لاڙڪاڻي کان قمبر تائين پيپلز بس سروس جو نئون روٽ شروع ٿيڻ سان هزارين شهرين کي سفري سهولت ملندي، جڏهن ته ٻنهي ضلعن وچ ۾ اچ وڃ ۽ واپاري سرگرمين ۾ پڻ واڌارو ايندو. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته نئين روٽ جي شروعات لاءِ سمورا انتظامي ۽ آپريشنل قدم جلد مڪمل ڪيا وڃن. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اي وي ٽيڪسي منصوبي بابت مختلف اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ۽ ڳالهيون جاري آهن ۽ منصوبي تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ جلد ماحول دوست اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي، جنهن سان شهرين کي جديد سفري سهولتون ملنديون ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته وڌيڪ ڊبل ڊيڪر بسون جلد ڪراچي پهچنديون، تنهن ڪري نون روٽس جي منصوبابندي ۽ لاڳاپيل انتظامي معاملن کي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته گرين لائين بي آر ٽي جي روزاني رائيڊرشپ 50 هزار مان وڌي 81 هزار ۽ اورينج لائين جي 1800 مان وڌي 9800 تائين پهچڻ حوصلا افزا ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته گرين لائين تي عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس کي عوام، خاص طور تي عورتن، طرفان ڀرپور پذيرائي ملي آهي. هن چيو ته پنڪ اسڪوٽيز صرف عورتن لاءِ آهن، تنهن ڪري مرد انهن کي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جتي به مرد پنڪ اسڪوٽي هلائيندي نظر اچن، انهن اسڪوٽيز کي فوري طور تحويل ۾ ورتو وڃي، جڏهن ته پنڪ اسڪوٽيز جو رنگ تبديل ڪندڙن يا ريپنگ ڪندڙن خلاف پڻ بنا فرق جي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ جاري سمورن ٽرانسپورٽ منصوبن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.











