ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (سيسي) جي گورننگ باڊي ايڇ آءِ وي کان متاثر ٻارن جي علاج، سار سنڀال ۽ ڀلائي لاءِ فوري طور تي 2 ارب رپين جو اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گورننگ باڊي واضح ڪيو آهي ته متاثر ٻارن ۽ سندن وارثن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ڊاڪٽرن، …
سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (سيسي) پاران ايڇ آءِ وي جي متاثر ٻارن جي علاج، سار سنڀال ۽ ڀلائي لاءِ 2 ارب رپين جو اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان
ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (سيسي) جي گورننگ باڊي ايڇ آءِ وي کان متاثر ٻارن جي علاج، سار سنڀال ۽ ڀلائي لاءِ فوري طور تي 2 ارب رپين جو اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گورننگ باڊي واضح ڪيو آهي ته متاثر ٻارن ۽ سندن وارثن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف يا آفيسرن خلاف بنا ڪنهن رعايت جي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اهو فيصلو سيسي جي گورننگ باڊي جي بجيٽ اجلاس دوران ڪيو ويو، جيڪو چيئرمين گورننگ باڊي ۽ صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري محنت ساجد جمال ابڙو، سيسي جي ڪمشنر هادي بخش ڪلهوڙو، گورننگ باڊي جي ميمبرن، ميڊيڪل ايڊوائيزرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ ۽ نظرثاني ٿيل بجيٽ 26-2025ع تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. گورننگ باڊي پاران ڪجهه تجويزن ۽ خدشن جي اظهار کانپوءِ بجيٽ بابت وڌيڪ غور لاءِ اجلاس 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪيو ويو. اجلاس دوران وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي کان متاثر ٻارن بابت به تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي سعيد غني گورننگ باڊي جي منظوري سان متاثر ٻارن جي علاج ۽ ڀلائي لاءِ 2 ارب رپين جو اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ان فنڊ مان متاثر ٻارن کي بهترين طبي سهولتون، علاج، دوائون ۽ فلاحي سهڪار فراهم ڪيو ويندو. گورننگ باڊي محتسب اعليٰ جي هدايتن تي قائم ٿيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي، رپورٽ جي بنياد تي 37 ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي معطلي ۽ شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي به توثيق ڪئي. سعيد غني چيو ته حڪومت ان معاملي جي مڪمل شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪري رهي آهي ۽ جيڪو به ذميوار ثابت ٿيندو، ان کي ڪنهن به صورت ۾ رعايت نه ڏني ويندي. هن ٻڌايو ته 28 آڪٽوبر 2025ع تي پهرين اطلاع ملڻ شرط هن فوري طور کاتي جو اجلاس سڏائي جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ۽ 29 آڪٽوبر تي ڪميٽي پنهنجي جاچ شروع ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته شروعات ۾ رڳو ڪجهه ڪيس سامهون آيا هئا، پر حڪومت جي هدايت تي سڀني ٻارن جي اسڪريننگ ڪرائي وئي، جنهن کانپوءِ هينئر تائين 78 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي چڪي آهي. هن چيو ته جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهي ڪيس ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ پيش آيا، جڏهن ته ان عرصي دوران ڊيوٽي ڪندڙ سڀني ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ لاڳاپيل آفيسرن جي ڪردار جي به جاچ جاري آهي. صوبائي وزير زور ڀريندي چيو ته هي انتهائي سنگين سانحو آهي، حڪومت متاثر ٻارن ۽ سندن خاندانن کي اڪيلو نه ڇڏيندي، کين مڪمل علاج، قانوني سهڪار ۽ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته ذميوارن کي قانون موجب انجام تائين پهچايو ويندو.











