سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پاران مرحوم عبدالستار ايڌي جي ڏهين ورسي جي موقعي تي کيس زبردست خراجِ عقيدت پيش

ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه باباءِ خدمت مرحوم عبدالستار ايڌي جي ڏهين ورسي جي موقعي تي کيس زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي پنهنجي سموري زندگي انسانيت جي بي لوث خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته عبدالستار ايڌي جون فلاحي خدمتون پوري انسانيت لاءِ مشعلِ راهه آهن ۽ سندس خدمت جو …

ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه باباءِ خدمت مرحوم عبدالستار ايڌي جي ڏهين ورسي جي موقعي تي کيس زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي پنهنجي سموري زندگي انسانيت جي بي لوث خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته عبدالستار ايڌي جون فلاحي خدمتون پوري انسانيت لاءِ مشعلِ راهه آهن ۽ سندس خدمت جو جذبو ايندڙ نسلن لاءِ روشن مثال جي حيثيت رکي ٿو. سيد اويس قادر شاهه چيو ته عبدالستار ايڌي جي بي مثال خدمتن کي قوم هميشه عزت، احترام ۽ عقيدت سان ياد رکندي، ڇاڪاڻ ته هن بنا ڪنهن فرق جي ضرورتمند انسانن جي مدد ڪري انسانيت جي اعليٰ قدرن کي هٿي ڏني. هن وڌيڪ چيو ته انسانيت جي خدمت ئي عبدالستار ايڌي جو سڀ کان وڏو پيغام ۽ حقيقي ورثو آهي، جيڪو هميشه لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندو.

مزید خبریں