صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر سان اينٽي ڪرپشن سنڌ جي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه ملاقات

ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي ڪرپشن کاتي واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر سان اينٽي ڪرپشن سنڌ جي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن خلاف جاري قدمن جو جائزو ورتو ويو. ملاقات دوران چيئرمين، صوبائي وزير کي کاتي جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي ۽ سڄي صوبي ۾ ڪرپشن خلاف جاري ڪارروائين، مختلف ضلعن ۾ التوا …

ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي ڪرپشن کاتي واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر سان اينٽي ڪرپشن سنڌ جي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن خلاف جاري قدمن جو جائزو ورتو ويو. ملاقات دوران چيئرمين، صوبائي وزير کي کاتي جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي ۽ سڄي صوبي ۾ ڪرپشن خلاف جاري ڪارروائين، مختلف ضلعن ۾ التوا هيٺ ۽ جاري انڪوائرين، داخل ڪيل ڪيسن، رڪوريز ۽ جاچ جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ، شفافيت جي واڌاري، احتساب جي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ بدعنواني جي خاتمي لاءِ ايندڙ لائحه عمل تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. صوبائي وزيرِ ان موقعي تي هدايت ڪئي ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ بنا فرق جي ڪارروائيون جاري رکيون وڃن، التوا هيٺ انڪوائرين کي قانون موجب جلد کان جلد منطقي انجام تائين پهچايو وڃي ۽ عوامي شڪايتن جي حل لاءِ کاتي جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي.

مزید خبریں