لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري، 5 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو- 08 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس پاران منشيات فروش ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪاروائيون جاري آهن. پوليس مختلف هنڌن تي ڪيل ڪارروائين دوران 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي. گرفتار جوابدارن کان چرس، غير قانوني هٿيار، ڊوائيس، سڃاڻپ ڪارڊ، موبائل فون ۽ نقد رقم هٿ ڪئي وئي آهي. باڊهه پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار احسان منڱڻ کي 1 …

لاڙڪاڻو- 08 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس پاران منشيات فروش ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪاروائيون جاري آهن. پوليس مختلف هنڌن تي ڪيل ڪارروائين دوران 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي. گرفتار جوابدارن کان چرس، غير قانوني هٿيار، ڊوائيس، سڃاڻپ ڪارڊ، موبائل فون ۽ نقد رقم هٿ ڪئي وئي آهي. باڊهه پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار احسان منڱڻ کي 1 ڪلو 80 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو آهي. ڳريلو پوليس گھربل جوابدار منير گاڏهي کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري سندس خلاف سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي. ڏوڪري پوليس فارم ويلج واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امدادي رقم مان غير قانوني ڪٽوتي ڪندڙ ٻن جوابدارن شمس الدين انڙ ۽ رياض لغاري کي ڊوائيس، سڃاڻپ ڪارڊ، موبائل فون ۽ نقد رقم سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي. حيدري پوليس ڪارروائي دوران اشتهاري جوابدار راحب ڀٽو کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن کان جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.

مزید خبریں