صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جو ڪراچي فش هاربر جو تفصيلي دورو

ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي اربع ڏينهن ڪراچي فش هاربر جو تفصيلي دورو ڪيو. دوري دوران هن فش هاربر جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ اتي جاري انتظامن، مهاڻن کي فراهم ڪيل سهولتن، صفائي سٿرائي جي صورتحال، سيڪيورٽي ۽ مختلف ترقياتي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير لاڳاپيل اختيارين کي سخت هدايتون جاري …

ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي اربع ڏينهن ڪراچي فش هاربر جو تفصيلي دورو ڪيو. دوري دوران هن فش هاربر جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ اتي جاري انتظامن، مهاڻن کي فراهم ڪيل سهولتن، صفائي سٿرائي جي صورتحال، سيڪيورٽي ۽ مختلف ترقياتي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير لاڳاپيل اختيارين کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته فش هاربر ۾ صفائي جي نظام، بنيادي سهولتن، سيڪيورٽي ۽ مجموعي انتظامي معاملن کي وڌيڪ بهتر ۽ فعال بڻايو وڃي ته جيئن مهاڻن ۽ فشريز جي شعبي سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن کي هڪ مڪمل محفوظ ۽ جديد سهولتن سان ليس سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد علي ملڪاڻي جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت فش هاربر کي جديد تقاضائن موجب ترقي ڏيارڻ، مڇي جي روانگي واپار ۾ واڌ، مهاڻن جي ڀلائي ۽ سامونڊي معيشت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ انتهائي اثرائتا ۽ انقلابي قدم کڻي رهي آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته ڪراچي فش هاربر جي نظام ۾ بهتري آڻڻ سان نه صرف ماهيگيري جي شعبي کي هٿي ملندي پر ان سان صوبي جي معيشت پڻ استحڪام ڏانهن وڌندي. صوبائي وزير جي ان اهم دوري جي موقعي تي ڪراچي فش هاربر جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر زاهد کيمٽيو، ڊپٽي سيڪريٽري لائيوسٽاڪ محمد عمران سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا، جن صوبائي وزير کي هاربر جي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني.