ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ ضلعي عدالتي لاڪ اپ لاءِ ٽينڊر کوليا ويا

لاڙڪاڻو- 08 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ لاڙڪاڻو جي عدالتي لاڪ اپ لاءِ ٽينڊر کوليا ويا. ٽينڊر ۾ ضلعي لاڙڪاڻو جي ٽن ٺيڪيدارن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي نگراني ۾ خريداري ڪميٽي جي سڀني ميمبرن جي موجودگي ۾ منصفاڻي ۽ شفاف انداز ۾ عدالتي لاڪ اپ لاءِ ٽينڊر کوليا ويا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سڀني ٺيڪيدارن کي هدايت ڪئي …

لاڙڪاڻو- 08 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ لاڙڪاڻو جي عدالتي لاڪ اپ لاءِ ٽينڊر کوليا ويا. ٽينڊر ۾ ضلعي لاڙڪاڻو جي ٽن ٺيڪيدارن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي نگراني ۾ خريداري ڪميٽي جي سڀني ميمبرن جي موجودگي ۾ منصفاڻي ۽ شفاف انداز ۾ عدالتي لاڪ اپ لاءِ ٽينڊر کوليا ويا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سڀني ٺيڪيدارن کي هدايت ڪئي ته گهرو کاتي جي تصديق ۽ مڪمل قانوني طريقيڪار مڪمل ٿيڻ کان پوءِ انهن کي ٽينڊر بابت آگاهه ڪيو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ هدايت ڪئي ته ٽينڊر حاصل ڪرڻ کانپوءِ ضلعي لاڙڪاڻو جي عدالتي لاڪ اپ ۾ قيد قيدين ”يو ٽي پيز“ کي معياري ۽ مناسب غذا جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.