اسان جو فضائي دفاع وارو نظام ميزائل ۽ ڊرون حملن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: ڪويتي فوج

ڪويت سٽي- 08 جولاءِ (اي پي پي) ڪويت جي فوج چيو آهي ته اسان جو فضائي دفاعي نظام اربع جي صبح ڪويت طرف فائر ڪيل ميزائل ۽ ڊرونز کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته بحرين ۾ فضائي حملن جي خطري جا سائرن وڄڻ کانپوءِ شهرين کي پر سڪون رهڻ ۽ محفوظ پناهگاهن ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان کان اڳ آمريڪا پاران …

ڪويت سٽي- 08 جولاءِ (اي پي پي) ڪويت جي فوج چيو آهي ته اسان جو فضائي دفاعي نظام اربع جي صبح ڪويت طرف فائر ڪيل ميزائل ۽ ڊرونز کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته بحرين ۾ فضائي حملن جي خطري جا سائرن وڄڻ کانپوءِ شهرين کي پر سڪون رهڻ ۽ محفوظ پناهگاهن ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان کان اڳ آمريڪا پاران ايران تي حملن جو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو هو، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته سندس هٿياربند فوج پاران اهي حملا عالمي آبي گذر گاهه آبناءِ هرمز ۾ واپاري جهازن کي نشانو بنائڻ جي جواب ۾ ڪيا ويا. ان کان اڳ آمريڪا ان لائسنس کي به رد ڪري ڇڏيو هو، جيڪو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ عبوري معاهدي جي هڪ حصي طور تي جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ايراني تيل جي وڪري جي اجازت ڏني وئي هئي. آمريڪا جي هڪ سرڪاري اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ايراني تيل جو وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏيندڙ لائسنس جي ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ايران پاران آبناءِ هر مز ۾ کنيل قدم ناقابل قبول هئا ۽ ان جي سزا ضروري هئي.