سنڌ حڪومت سامونڊي حدن ۾ مهاڻن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ نوان سيڪيورٽي اسڪارفز متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي: صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي

ڪراچي- 07 جولاءِ (اي پي پي) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت سامونڊي حدن ۾ مهاڻن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ نوان سيڪيورٽي اسڪارفز متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي. انهن سيڪيورٽي اسڪارفز ذريعي مهاڻن جي سڃاڻپ جو جديد ۽ مربوط نظام قائم ٿيندو، جنهن سان سمنڊ ۾ موجود سيڪيورٽي ادارن کي مهاڻن جي تڪڙي سڃاڻپ، نگراني ۽ …

ڪراچي- 07 جولاءِ (اي پي پي) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت سامونڊي حدن ۾ مهاڻن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ نوان سيڪيورٽي اسڪارفز متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي. انهن سيڪيورٽي اسڪارفز ذريعي مهاڻن جي سڃاڻپ جو جديد ۽ مربوط نظام قائم ٿيندو، جنهن سان سمنڊ ۾ موجود سيڪيورٽي ادارن کي مهاڻن جي تڪڙي سڃاڻپ، نگراني ۽ وقت سر مدد فراهم ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. اهڙو اظهار هن اڄ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ”سنڌ رجسٽريشن اينڊ ريگيوليشن آف فشنگ جيٽيز رولز 2022ع“ ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي تفصيلي خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. محمد علي ملڪاڻي چيو ته انهن ترميمن جو مقصد فشنگ جيٽيز جي نظام کي جديد تقاضن سان هم آهنگ بڻائڻ، مهاڻن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سامونڊي وسيلن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. صوبائي وزير چيو ته هي قدم غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام، ملڪي سامونڊي حدن جي اثرائتي تحفظ، مهاڻن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ تڪڙي ريسڪيو ۽ سيڪيورٽي ريسپانس کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت سامونڊي سيڪيورٽي کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن سان مڪمل تعاون جاري رکندي. اجلاس ۾ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، خوراڪ جي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان، زراعت، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر سميت ٻين صوبائي وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.