ڪراچي- 07 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فلور ملن، واپارين ۽ نجي ذخيره اندوزن پاران ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ هٿرادو کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آھي ته اٽي جي اگهن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ ذخيره اندوزن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ عوامي …
سنڌ جي وڏي وزير فلور ملن، واپارين ۽ نجي ذخيره اندوزن پاران ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ هٿرادو کوٽ جو نوٽيس ورتو

مزید خبریں
ڪراچي- 07 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فلور ملن، واپارين ۽ نجي ذخيره اندوزن پاران ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ هٿرادو کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آھي ته اٽي جي اگهن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ ذخيره اندوزن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ عوامي مفادن جو هر قيمت تي تحفظ يقيني بڻايو وڃي. اهڙو اظهار هن وزير اعليٰ هائوس ۾ صوبائي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ ڪڻڪ جي ذخيري، ذخيره اندوزي، مارڪيٽ جي صورتحال ۽ خوراڪ کاتي ۾ سڌارن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته مالي سال 27-2026ع دوران سنڌ کي لڳ ڀڳ 15 لک 90 هزار ٽن ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت سرڪاري امدادي اگهه 3,500 رپيا في 40 ڪلوگرام کان وڌي چڪي آهي. ڪابينا خوراڪ کاتي کي مڪمل طور ڊجيٽل بڻائڻ واري تجويز تي به غور ڪيو ۽ انٽيگريٽيڊ ويٽ مينيجمينٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تحت ڪڻڪ جي خريداري، ذخيرن ۽ جاري ڪرڻ جي سموري نظام کي جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سائنس اينڊ آئي ٽي کاتي انٽيگريٽيڊ ويٽ مينيجمينٽ سسٽم جي توثيق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبائي ڪابينا سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني کي منصوبي ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪندي ان کي تفصيلي جائزي لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته ڊجيٽلائزيشن لاءِ فوري عملي قدم کنيا وڃن، نجي شعبي جي وڌ کان وڌ شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ خوراڪ کاتي کي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ريگيوليٽري اداري طور ترقي ڏني وڃي، جيڪو پاليسي سازي، نگراني ۽ غذائي تحفظ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي.اجلاس ۾ وفاق جي تجويز ڪيل قومي ڪڻڪ پاليسي 30-2026جي مسودي جو به جائزو ورتو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو مقصد مارڪيٽ تي ٻڌل نظام کي هٿي ڏيڻ، سبسڊي جي بار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي، جڏهن ته بهتر ٻج، جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ مشين جي پوکي ذريعي زرعي شعبي کي جديد بنيادن تي آڻڻ جون تجويزون پڻ شامل آهن. وڏي وزير قومي ڪڻڪ پاليسي جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ خوراڪ، زراعت ۽ قانون جي کاتن جي سيڪريٽرين تي ٻڌل ڪابينا ڪميٽي جوڙي، جيڪا مقرر مدي اندر پنهنجون سفارشون صوبائي ڪابينا کي پيش ڪندي.











