لاڙڪاڻو/جيڪب آباد (اي پي پي) جيڪب آباد آباد پوليس وفاقي سول حساس اداري جي مدد سان ڪامياب ڪارروائي ڪندي قيمتي نوادرات جي اسمگلنگ ۽ چوري ۾ مبينا طور تي ملوث بين الاقوامي ۽ بين الصوبائي اسمگلر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڏوھاري جي قبضي مان غير قانوني هٿيار ۽ ٻيا اهم ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن. جيڪب آباد پوليس وفاقي سول حساس اداري جي ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي …
جيڪب آباد پوليس پاران وفاقي سول حساس اداري جي مدد سان ڪارروائي، قيمتي نوادرات جي اسمگلنگ ۽ چوري ۾ ملوث بين الصوبائي اسمگلر گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو/جيڪب آباد (اي پي پي) جيڪب آباد آباد پوليس وفاقي سول حساس اداري جي مدد سان ڪامياب ڪارروائي ڪندي قيمتي نوادرات جي اسمگلنگ ۽ چوري ۾ مبينا طور تي ملوث بين الاقوامي ۽ بين الصوبائي اسمگلر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڏوھاري جي قبضي مان غير قانوني هٿيار ۽ ٻيا اهم ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن. جيڪب آباد پوليس وفاقي سول حساس اداري جي ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي قيمتي تاريخي نوادرات جي اسمگلنگ ۽ چوري ۾ مبينا طور تي ملوث بين الصوبائي اسمگلر سيد لال شاهه ولد سردار شاهه کي گنداواهه، جھل مگسي بلوچستان جي لنڪ روڊ تان گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪارروائي دوران ڏوهاري جي قبضي مان غير قانوني هٿيار ۽ تحقيق لاءِ اهم ثبوت هٿ ڪيا ويا. ابتدائي تحقيق دوران ملزم مبينا طور تي انڪشاف ڪيو ته هو پاڪستان جي مختلف تاريخي ماڳن تي موجود قيمتي نوادرات جي نشاندهي ڪري انهن کي چوري ۽ اسمگلنگ ڪرڻ واري نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل رهيو آهي. ڏوھاري ڪجهه وقت اڳ موهن جو دڙو ۾ نمائش لاءِ رکيل قيمتي نوادرات جو جائزو ورتو ۽ پنهنجن ساٿين سان گڏ چوريءَ جو منصوبو ٺاهيو ھو جنهن مقصد لاءِ مبينا طور تي مقامي ماڻهن کي به شامل ڪيو ويو ته جيئن قيمتي نوادرات چوري ڪري بلوچستان جي رستي ٻاهر ملڪ اسمگل ڪري سگهجن. ابتدائي معلومات موجب ملزم هڪ منظم بين الاقوامي اسمگلنگ نيٽ ورڪ سان مبينا طور تي لاڳاپيل آهي، جيڪو پاڪستان جي مختلف علائقن مان قيمتي نوادرات ۽ ناياب تاريخي شين جي اسمگلنگ ۾ سرگرم رهيو آهي. هٿ ڪيل ثبوتن ۽ تحقيق جي روشني ۾ ملزم جي ٻين ساٿين، سهولت ڪارن ۽ اسمگلنگ نيٽ ورڪ خلاف ڪارروايون به تيز ڪيون ويون آهن. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ڪامياب ڪارروائي تي ايس ايس پي جيڪب آباد انچارج سي آءِ اي، شاهين فورس ۽ آءِ ٽي برانچ لاءِ تعريفي ليٽر جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.











