ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي هدايتن تي ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ ايل پي جي ۽ پيٽرول جون وڌيڪ قيمتون وٺندڙن خلاف ڪارروائيون

لاڙڪاڻو- 07 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي هدايتن تي ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ ايل پي جي ۽ پيٽرول جون وڌيڪ قيمتون وٺندڙ پيٽرول پمپن ۽ دڪاندارن خلاف ضلعي سطح تي ڪارروائي ڪئي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن لاڳاپيل اختيارين سان گڏ ايل پي جي دڪانن ۽ پيٽرول پمپن جو معائنو ڪيو ته جيئن حڪومت جي مقرر ڪيل قيمتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. قانون …

لاڙڪاڻو- 07 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي هدايتن تي ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ ايل پي جي ۽ پيٽرول جون وڌيڪ قيمتون وٺندڙ پيٽرول پمپن ۽ دڪاندارن خلاف ضلعي سطح تي ڪارروائي ڪئي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن لاڳاپيل اختيارين سان گڏ ايل پي جي دڪانن ۽ پيٽرول پمپن جو معائنو ڪيو ته جيئن حڪومت جي مقرر ڪيل قيمتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. قانون جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ڪندي وڌيڪ اگھه وصول ڪندڙن تي ڏنڊ لڳايا ويا. ضلعي انتظاميه صارفين جي حقن جي تحفظ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ حڪومت جي هدايتن تي مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں