بيجنگ- 07 جولاءِ (اي پي پي) چين جي ڏاکڻي صوبي گوانگ شي ۾ سامونڊي طوفان ميسڪ سبب ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اختيارين موجب 4 لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب طوفان جي ڪري دريائن ۾ پاڻي جي سطح به وڌي وئي آهي ۽ ناننگ شهر ۾ هڪ ڊيم جي ڀت ٽٽي پئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي جو تيز وهڪرو هيٺاهين وارن علائقي ڏانهن …
چين جي صوبي گوانگ شي ۾ ٻوڏ، 4 لک 80 هزار ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل، کنوڻين ڪرڻ سبب 11 ڄڻا اجل جو شڪار
بيجنگ- 07 جولاءِ (اي پي پي) چين جي ڏاکڻي صوبي گوانگ شي ۾ سامونڊي طوفان ميسڪ سبب ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اختيارين موجب 4 لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب طوفان جي ڪري دريائن ۾ پاڻي جي سطح به وڌي وئي آهي ۽ ناننگ شهر ۾ هڪ ڊيم جي ڀت ٽٽي پئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي جو تيز وهڪرو هيٺاهين وارن علائقي ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي. اختيارين موجب، طوفان ميسڪ جي ڪري آيل ٻوڏ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. اختيارين خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گوانگ شي ۽ ڪيترن ئي ويجهن صوبن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري رهندو. جڏهن ته ٻئي طرف چين جي مرڪزي صوبي هوبي جي اوڀر پاسي جي علائقن ۾ سومر جي رات شديد گج گوڙ سان تيز هوائن ۽ خراب موسمي حالتن سبب گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو گم ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صوبائي اختيارين ٻڌايو ته سومر جي صبح جو 7 وڳي کان رات جو 11 وڳي جي وچ ۾ هوانگ شي، هوانگ گانگ، اي زو ۽ شيان ننگ شهرن ۾ شديد طوفان ۽ گج گوڙ سان طوفان آيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٽائون شپ ۾ هوائن جي رفتار ليول 13 تائين ٿي وئي . مقامي اختيارين موجب شديد موسمي صورتحال جي نتيجي ۾ 22 عمارتون مڪمل طور ڪري پيون جڏهن ته وڌيڪ 4855 عمارتن کي مختلف درجن جو نقصان پهتو آهي. ان دوران 331 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. صوبائي حڪومت فوري طور تي ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڏنيون آهن ۽ آفتن کان بچڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن .











