والاريل بيت المقدس- 07 جولاءِ (اي پي پي) بيت المقدس جي قلنديه ڪيمپ ويجهو اسرائيلي فوجي آفيسر فلسطينين جي گاڏي ۾ اسٽن گرنيڊ اڇلائي ڇڏيو جنهن جي فوٽيج وائرل ٿي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هڪ خوفناڪ فوٽيج ۾ اهو سمورو ڪجهه ڏيکاريو ويو آهي جنهن ۾ هڪ فوجي گرنيڊ گاڏي ۾ سوار ماڻهن جي وچ ۾ اڇلائي دروازو بند ڪري ڇڏيو. پوءِ هڪ مسافر ٻي دروازي کان نڪري …
اسرائيلي پوليس آفيسر فلسطيني شهرين جي گاڏي ۾ اسٽن گرنيڊ اڇلائي ڇڏيو، فوٽيج وائرل
والاريل بيت المقدس- 07 جولاءِ (اي پي پي) بيت المقدس جي قلنديه ڪيمپ ويجهو اسرائيلي فوجي آفيسر فلسطينين جي گاڏي ۾ اسٽن گرنيڊ اڇلائي ڇڏيو جنهن جي فوٽيج وائرل ٿي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هڪ خوفناڪ فوٽيج ۾ اهو سمورو ڪجهه ڏيکاريو ويو آهي جنهن ۾ هڪ فوجي گرنيڊ گاڏي ۾ سوار ماڻهن جي وچ ۾ اڇلائي دروازو بند ڪري ڇڏيو. پوءِ هڪ مسافر ٻي دروازي کان نڪري ڀڄي وڃي ٿو جڏهن ته ڊرائيور گاڏي اندر ڦاسي پئي ٿو. اسٽن گرنيڊ جو استعمال مظاهري دوران ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ليبر پارٽي جي ميمبر ايم ڪي نامالازيمي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اها ڳالهه هڪ تڪليف ڏياريندڙ هئي جيڪا اولهه ڪناري ۾ سالن کان ٿي رهي آهي.بي لگام تشدد ۽ اخلاقي حدن جو خاتمو آهي.












