ڪراچي -06 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير ايڊووڪيٽ امجد حسين کي حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايڊووڪيٽ امجد حسين جو گلگت بلتستان جي وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ پيپلز پارٽي جي عوام دوست سياست جو مظهر آهي، گلگت بلتستان …
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير کي واڌايون

مزید خبریں
ڪراچي -06 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير ايڊووڪيٽ امجد حسين کي حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايڊووڪيٽ امجد حسين جو گلگت بلتستان جي وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ پيپلز پارٽي جي عوام دوست سياست جو مظهر آهي، گلگت بلتستان جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ان جي ويزن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايڊووڪيٽ امجد حسين گلگت بلتستان ۾ ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جو هڪ نئون باب شروع ڪندو، گلگت بلتستان جي نئين صوبائي حڪومت عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻندي.هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي مزدورن جي اڻ ٿڪ محنت ۽ عوامي اعتماد جو نتيجو آهي.











