ڪراچي- 06 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سومر ڏينهن سرجاڻي ٽائون ۾ نادرا ميگا سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي چيو ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ فقط هڪ دستاويز ناهي پر هر پاڪستاني جي سڃاڻپ، سندس آئيني حقن ۽ رياست سان سندس مضبوط تعلق جي علامت آهي، جڏهن ته هڪ مضبوط سڃاڻپ جو نظام ئي محفوظ …
سنڌ جي گورنر پاران سرجاڻي ٽائون ۾ نادرا ميگا سينٽر جو افتتاح
ڪراچي- 06 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سومر ڏينهن سرجاڻي ٽائون ۾ نادرا ميگا سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي چيو ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ فقط هڪ دستاويز ناهي پر هر پاڪستاني جي سڃاڻپ، سندس آئيني حقن ۽ رياست سان سندس مضبوط تعلق جي علامت آهي، جڏهن ته هڪ مضبوط سڃاڻپ جو نظام ئي محفوظ ، مستحڪم ۽ ترقي يافته رياست جو بنياد هوندو آهي. گورنر سنڌ چيو ته نادرا جديد ٽيڪنالاجي ،شفاف نظام ۽ پيشيوراڻين خدمتن وسيلي نه فقط پاڪستان پر عالمي سطح تي به هڪ منفرد سڃاڻپ قائم ڪئي آهي. افتتاح کانپوءِ سنڌ جي گورنر نادرا ميگا سينٽر جي مختلف شعبن جو تفصيلي دورو ڪوي، مختلف ڪائونٽرن جو معائنو ڪيو ۽ اتي موجود شهرين سان ملاقات ڪري سڃاڻپ جا دستاويز جاري طريقيڪار ،فراهم ڪيل سهولتن ۽ خدمتن جي معيار بابت معلوم ڪيو. بعد ۾ گورنر سنڌ نادرا ميگا سينٽر ۾ مقرر آفيسرن ۽ عملي کي خطاب ڪندي چيو ته اداري جي اصل سڃاڻپ ان جي عمارت نه پر ان جا آفيسر ۽ عملي جو رويو ،ديانداري ،خوش اخلاقي ۽ عوامي خدمت جو جذبو هوندو آهي. جڏهن ته ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي چيو ته نادرا پاڪستان جو هڪ باوقار قومي ادارو آهي جيڪو جديد ٽيڪنالاجي وسيلي عوام جي چائنٺ تائين خدمتون پهچائي رهيو آهي. گورنر سنڌ نادرا ۾ ٿيليسيميا اسڪريننگ جي سهولت کي واکاڻ جوڳو قدم قرار ڏيندي چيو ته هن مهلڪ مرض کان بچاءُ لاءِ بروقت تشخيص ۽ عوامي آگاهي انتهائي ضروري آهي. هن ٻڌايو ته هن به پنهنجي ٿيليسيميا ٽيسٽ ڪرائي آهي جنهن جي رپورٽ منفي آئي، ۽ شهرين کي تلقين آهي ته هو به ان سهولت مان فائدو کڻن ته جئين ايندڙ نسلن کي ان بيماري کان محفوظ بڻائي سگهجي.












