پشاور- 06 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ کي حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سومر ڏينهن گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر چيو ته نئون چونڊيل وزيراعليٰ امجد حسين پنهنجي صلاحتين ۽ تجربي سان گلگت بلتستان جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي خدمت، جمهوري قدرن ۽ وفاق …
خيبر پختونخوا جي گورنر پاران گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ کي حلف کڻڻ تي مبارڪون
پشاور- 06 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ کي حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سومر ڏينهن گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر چيو ته نئون چونڊيل وزيراعليٰ امجد حسين پنهنجي صلاحتين ۽ تجربي سان گلگت بلتستان جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي خدمت، جمهوري قدرن ۽ وفاق جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته اميد آهي نئين صوبائي حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻندي. هن چيو ته الله تعاليٰ نئين چونڊيل وزير اعليٰ امجد حسين کي پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ انجام ڏيڻ جي توفيق عطافرماءِ.












